جهاز جي پَر مٿان ماڊلنگ ڪندڙ شخص جي وڊيو وائرل

0
346
جهاز جي پَر مٿان ماڊلنگ

انڊونيشيا(انٽرسٽنگ نيوز) سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هڪ شخص جهاز جي پَرَ  مٿان هلندي ڏسي سگهجي ٿو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب انڊونيشيا جو ٻيٽ بالي سرسبز جبلن جي خوبصورت منظرن لاءِ ڄاتو سڃاتو ويندو آهي، اهو هڪ مشهور سياحت مقام آهي جيڪو ڪيترن ئي مسافرن ۽ ٽوٻن کي پاڻ طرف ڌيان ڇڪائيندو آهي

انسٽاگرام تي “ارٿ پڪس” جي نالي سان پيج بالي ٻيٽ جي هڪ فوٽوگرافر جي دلڪش وڊيو پوسٽ ڪئي آهي جنهن کي ڏسي واهپيدارن به حيرت ۾ پئجي ويا آهن. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته فوٽوگرافر سمنڊ ڪناري هڪ جبل جي چوٽيءَ تي بيٺل جهاز جي پَر مٿان بي خوف ٿي هلي رهيو آهي، هڪ واهپيدار وڊيو تي ڪمنٽ ڪندي چيو ته “جيڪڏهن مان اتي هجان ها ته پنهنجي قدمن تي قابو نه رکندي ڪِري پوان ها.“وڊيو جي ڪيپشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته جهاز جبل جي چوٽيءَ تي وڌ کان وڌ سياحن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ رکيو ويو آهي