تنگواڻي ڀرسان موٽرسائيڪل وڻ سان ٽڪرائجي وئي، هڪ فوت، ٻيوزخمي

0
277

تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ حضور بخش بجاراڻي ۾ تيز رفتار موٽرسائيڪل وڻ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار مراد علي باجڪاڻي موقعي تي فوت ٿي ويو ۽ عبدالحڪيم گولو سخت زخمي ٿي پيو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن زخمي کي علاج لاء اسپتال منتقل ڪيوويو آهي.