ڪراچي (م ڊ) انٽرنيٽ واهپيدارن لاءِ پريشاني جي خبر آهي ته اڄ انٽرنيٽ جي رفتار گهٽجي سگهي ٿي. ان حوالي سان پي ٽي اي پنهنجي هڪ بيان ۾ وضاحت ڪئي آهي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جو چوڻ هو ته 21 اپريل تي واهپيدارن کي انٽرنيٽ رفتار ۾ گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. پي ٽي اي ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته عالمي سب ميرين ڪيبل ايس ايم ڊبليو 4 جي هڪ حصي تي پاور جي ري ڪنفيگريشن سرگرمي 21 اپريل 2022 تي 2 وڳي کان 7 وڳي تائين ڪئي ويندي جنهن سبب ڪجهه واهپيدارن کي رفتار ۾ گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. پي ٽي اي موجب بينڊوٿ جي ضرورت کي پورو ڪرڻ ۽ واهپيدارن کي جلد کان جلد مڪل طور تي فعال ڪرڻ لاءِ متبادل قدم کنيا ويندا. ياد رهي ته ڪڏهن ڪڏهن اهڙن موقعن تي انٽرنيٽ بلڪل بند ٿي ويندي آهي.