اوٻاوڙو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڄڻي کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

0
202
اوٻاوڙو پوليس مبينا

رائونتي (ن پ ا) اوٻاوڙو ٿاڻي جي پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڄڻي کي زخمي حالت م گرفتار ڪري جوابدار کان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

اوٻاوڙو ايس ايڇ او ايوب ڊوگر موجب ريتي روڊ سونڻ مائنر وٽ 4 هٿياربند ڏوھ جي ارادي سان بيٺل هئا جن سان مقابلو ٿي پيو

ترجمان گهوٽڪي پوليس موجب زخمي جوابدار جي سڃاڻپ الله ورايو پتافي طور ٿي آهي جيڪو کينجھو تعلقي ميرپور ماٿيلو جو رهواسي آهي، جڏهن ته فرار ٿي ويل جوابدارن ۾ احسان تڙت ۽ 2 اڻسڃاتل شامل آهن، جوابدار کان پسٽل مليو آهي