اوٻاوڙو : ٽرالر جي ٽڪر ۾ هڪ فوت، ڊرائيور فرار

0
376

اوٻاوڙو: اوٻاوڙو نيشنل ھاء وي ٽول پلازا وٽ ٽرالر جو موٽرسائيڪل سوارن کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو موقعي تي فوت ۽ ٻيو شديد زخمي ٿي پيو. موٽروي پوليس موقعي تي پھچي فوتي ۽ زخمي کي کڻائي تعلقه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو . حادثي ۾ فوتي جي سڃاڻپ اوٻاوڙي شهر جي رھواسي 35 سالا محمد اسلم پٽ الله وسايو ملڪ طور ٿي جڏهن ته کنڀڙا جو رھواسي ضمير احمد پٽ عبدالعزيز سومرو شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو. ھوڏانھن پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ڊائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.