ڪراچي(ڪامرس نيوز) پاڪستان جي رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي. انٽربينڪ ۾ ڊالر وڌيڪ هڪ رپيو 10 پئسا سستو ٿي ويو ۽ نئون اگهه 292 رپيا 78 پئسا تي بند ٿيو. هڪ ڏينهن اڳ انٽربينڪ ۾ ڊالر 294 رپيا 88 پئسن جو هو. هلندڙ هفتي انٽربينڪ ۾ ڊالر 4 رپيا 7 پئسا سستو ٿيو آهي. جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ رپئي جي اگهه ۾ وري لاٿ ٿي ۽ ڊالر 10 پئسا مهانگو ٿي ويو. هڪ ڏينهن اڳ ڊالر جي وڪري جو اگهه 296 رپيا هو جيڪو ڪالهه وڌي 296 رپيا 10 پئسا ٿي ويو. انٽربينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ فرق 3 رپيا 32 پئسا رهيو.