امن قائم ڪرائڻ ۾ ناڪامي تي 3 ايس ايڇ اوز معطل ۽ 2 بدلي 

0
400

حيدرآباد: ايس ايس پي بدامني تي ضابطو نه آڻڻ تان 3 ايس ايڇ اوز کي  معطل ۽ ٻن کي بدلي ڪري ڇڏيو

ايس ايس پي بدامني تي  ضابطو نه آڻڻ تان 3 ايس ايڇ اوز کي  معطل ۽ ٻن کي بدلي ڪري ڇڏيو

ايس ايس پي پاران معطل ڪيل ايس ايڇ اوز ۾ سيف الله ٻگهيو، نثار احمد هاليپوٽو ۽ زاهد اقبال چانڊيو شامل آهن

ايس ايس پي ڇلگري ٿاڻي جي ايس ايڇ او انور خانزادي کي بدلي ڪري ٽنڊو يوسف ٿاڻي تي مقررڪري ڇڏيو

جي او آر ٿاڻي جي ايس ايڇ او اعظم گوپانگ کي بدلي ڪري قاسم آباد ٿاڻي تي مقرر ڪيو ويو

پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل صغير احمد سانگي کي حالي روڊ ٿاڻي تي ايس ايڇ او مقرر  ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب ڄاڻايل ايس ايڇ اوز کي بدامني ۽  منشيات جي وڪري تي ضابطو نه آڻڻ تي معطل ۽ بدلي ڪيو ويو

هي به پڙهندا

سليمان لاشاري قتل ڪيس ۾ ڌرين وچ ۾ 9 سالن بعد ٺاهه : ايس ايس پي غلام سرور ابڙو جو پٽ آزاد