افغانستان ۾ طالبان جو قبضو، ڀارتي ميڊيا موديءَ تي ڏمرجي پئي

0
313

ڪراچي(م ڊ) افغانستان ۾ طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ مودي سرڪار جا ڳُڻ ڳائڻ وارو ڀارتي ميڊيا پنهنجي ئي حڪومتي پاليسن تي ڏمرجي پئي، ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هندستان افغانستان ۾ اربين ڊالر خرچ ڪيا پر ڀارت کي ڪير پڇڻ وارو ئي ناهي رهيو، افغانستان ۾ ڊيم ٺهرايو، انفرا اسٽرڪچر ڏنو، ماڻهن کي پڙهايو لکرايو سڀ ڪجهه بيڪار ٿي ويو، ڀارتي ميڊيا ڪٿي افغان فورسز ۾ ڪرپشن جو الزام مڙهيو ته ڪٿي وري امريڪي اهلڪارن تي مال بڻائڻ جا الزام هنيا، ڀارتي ميڊيا چيو ته نئين دهلي اڪيلو ٿي ويو آهي، هاڻي ڀارت کي گهرجي ته پري کان ويهي ميچ ڏسي ۽ موقعي جو انتظار ڪري، ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڀارتي اپوزيشن اڳواڻ اسد الدين اويسي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ڪيترائي سال اڳ چيو هو ته طالبان سان ڳالهين جو رستو ڳوليو، طالبان جو اقتدار ۾ اچڻ ڀت تي لکيل آهي پر اسان جي نه ٻڌي وئي، اڄ صورتحال سڀني جي سامهون آهي.