افغانستان جون ليڊي ڊاڪٽرز اسان جون مائرون ۽ ڀينرون آهن، بنا خوف ڪم جاري رکن: طالبان ڪمانڊر

0
517

ڪراچي(م ڊ) افغان طالبان ڪمانڊر عبدالحميد حماسي ڪابل ۾ هڪ اسپتال جو دورو ڪري اتي موجود ليڊي ڊاڪٽرياڻين کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي، پرڏيهي خابرو اداري موجب دوري دوران افغان ڪمانڊر عبدالحميد حماسي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن کي درخواست ڪئي ته ڪم جاري رکيووڃي، هن چيو ته ليڊي ڊاڪٽرز بنا خوف پنهنجي ڊيوٽي سر انجام ڏين، موجوده نظام کان اڳ ليڊي ڊاڪٽرز خوف ۾ ورتل هيون هيون پر هاڻي هنن کي ڊڄڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، طالبان ڪمانڊر چيو ته افغانستان جون ليڊي ڊاڪٽرز اسان جون مائرون ۽ ڀينرون آهن.