ڪنري ۾ گھران نڪري لاھور ويندڙ عورت پٽ سوڌي ھٿ، عورت سوڌو 3 گرفتار

0
325

ڪنري (ن پ ا)  ڪنري ۾ عورت کي معصوم پٽ ۽ گهر جي سامان سميت مبينا اغوا ڪري لاهور وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن دوران پوليس ڪارروائي ڪري عورت ۽ ٻار کي بازياب ڪرائي ورتو

ڪنري پوليس ڪارروائي ڪندي وين کي قبضي ۾ وٺي مبينا اغوا ڄاڻايل چئن ٻارن جي ماءُ فائزه طارق کي ٻن ڊرائيورن ۽ ھڪ لاهور واسڻ جوابدار سحر شهزاد ملڪ سميت گرفتار ڪري ورتو

عورت جي اغوا جي اطلاع تي مڙس طارق احمد پاران ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪنري ٿاڻي گھر واري جي اغوا ۽ 3 لک کان وڌيڪ گھرو سامان چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ عورت سحر شھزاد ملڪ، ٻن وين ڊرائيورن نياز حسين کوسو ۽ مجاھد چانڊيو کي جوابدار نامزد ڪيو ويو

فريادي طارق چيو ته آئون ٻاھر ويل ھئس، گهر پھتس ته گهر جا دروازا کُليل ھئا ۽ گهر وارن سميت سامان به گهر ۾ ڪونه ھو، پاڙيوارن ٻڌايو ته اوھان جي گهر ايندڙ لاھور واسڻ ڇوڪري سحر ملڪ منھنجي گهر واري ۽ ٻار کي سامان سميت وين ۾ وجھي کڻي وئي آھي

مبينا مغوي عورت فائزه طارق ٻڌايو ته سحر منھنجي سھيلي آھي، مڙس کاڌي پيتي، ٻارن جي سار سنڀال سميت گهر جي ڪارونھوار لاءِ ڪجھ نه ڏيندو ھو ۽ ٽارچر ڪندو ھو جنھن سبب تنگ ٿي آئون پنھنجي سھيلي سان گڏ لاھور وڃي رھي ھئس، ڪنھن به اغوا ناهي ڪيو، ۽ مڙس سان گڏ نٿي رھڻ چاھيان، مڙس اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو

پوليس موجب ڄاڻايل جوابدار عورت ۽ وين ڊرائيور عورت فائزه کي سامان سميت وين ۾ کڻي وڃي رھيا ھئا ته پيڇو ڪندي بازياب ڪرايو ۽ مڙس جي فريادي تي ڪيس داخل ڪيو آھي، مغوي عورت ۽ جوابدارن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيون پيا

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻو: قتل جو ڏوهه ثابت، جوابدار ناري کي عمر قيد جي سزا