ڪينيا ۾ ڳرا ٽيڪس لڳائڻ خلاف پرتشدد مظاهرا، چڪرين دوران 10 ڄڻا مارجي ويا

0
32
ڪينيا ۾ ڳرا ٽيڪس لڳائڻ خلاف پرتشدد مظاهرن ۽ پوليس سان چڪرين دوران 10 ڄڻا مارجي ويا
ڪينيا ۾ ڳرا ٽيڪس لڳائڻ خلاف پرتشدد مظاهرن ۽ پوليس سان چڪرين دوران 10 ڄڻا مارجي ويا

ڪينيا ۾ ڳرا ٽيڪس لڳائڻ خلاف پرتشدد مظاهرن ۽ پوليس سان چڪرين دوران 10 ڄڻا مارجي ويا، 50 کان وڌيڪ زخمي، مڇريل ماڻهن پارليامينٽ اندر داخل ٿي ايوان جي مختلف حصن کي باهه ڏئي ڇڏي

 راڄڌاني نيروبي ۾ گورنر جي آفيس کي به باهه ڏئي ساڙيو ويو، صدر وليم رُوٽو وڳوڙن تي ضابطي لاءِ فوج کي طلب ڪري ورتو، صدر وليم رُوٽو بجيٽ ۾ ڳرا ٽيڪس لڳائڻ خلاف احتجاج ڪندڙن کي خطرناڪ ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو

کینیا: ٹیکسوں میں اضافے کیخلاف احتجاجی مظاہرے، پولیس کی فائرنگ سے 10 افراد ہلاک

قوم کي پنهنجي خطاب ۾ صدر چيو ته خطرناڪ ڏوهاري ملڪ کي عدم استحڪام جو نشانو بڻائڻ چاهين ٿا، مظاهرين ٽئڪس وڌائڻ جي تجويز ڏيندڙ پارليمامينٽ جي ميمبر جي سُپر مارڪيٽ کي به باهه ڏئي ڇڏي

پوليس جي مظاهرين تي فائرنگ ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا، 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، پارليامينٽ تي حملي بعد ميمبرز کي سرنگهن مان ٻاهر ڪڍيو ويو

کینیا: ٹیکسوں میں اضافے کیخلاف احتجاج، پولیس فائرنگ، 10 افراد ہلاک

 صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ فوج داخل ٿي وئي، آن لائين يوٿ موومينٽ جي سڏ تي احتجاج بعد سموري ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بند  پيل آهي