ن ليگ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف عدالت پهچي وئي

0
230
ن ليگ ڊپٽي اسپيڪر

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي قومي اسيمبلي جو اجلاس دير سان سڏائڻ واري قدمن کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي

ن ليگ اڳواڻ مرتضيٰ جاويد عباسي ڊپٽي اسپيڪر جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ قاسم سوري، سيڪريٽري پارلياماني معاملن ۽ سيڪريٽري اسيمبلي کي ڌر بڻايو ويو آهي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اجلاس 22 اپريل تائين ملتوي ڪرڻ غير آئيني آهي، ڊپٽي اسپيڪر کي هدايت ڪئي وڃي ته اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ فوري اجلاس گهرايو وڃي ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي اسپيڪر جا اختيار استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

پرويز الاهي ڊپٽي اسپيڪر جا اختيار بحال ڪرڻ واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرائي ڇڏي