پرويز الاهي ڊپٽي اسپيڪر جا اختيار بحال ڪرڻ واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرائي ڇڏي

0
167
حڪمران اتحاد پنجاب جي پ

ڪراچي (م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جا اختيار بحال ڪرڻ واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرائي ڇڏي

پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ مسلم ليگ ق پاران ڊپٽي اسپيڪر جا اختيار بحال ڪرڻ خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي وئي آهي، اپيل ۾ دوست محمد مزاري، سيڪريٽري اسيمبلي ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنگل بينچ درخواست جي قابل اعتراض تي غور ئي نه ڪيو ۽ نه ئي عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ جي اعتراضن تي ڪوئي فيصلو به ناهي ڪيو

مسلم ليگ (ق) درخواست ڪئي آهي ته درخواست جي حتمي فيصلي تائين ڊپٽي اسپيڪر جا اختيار بحال ڪرڻ وارو حڪم معطل ڪيو وڃي

درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي جي رٿ داخل چڪي آهي، وڏي وزير جي چونڊ ڊپٽي اسپيڪر جي نگراني ۾ ڪرائڻ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، آئيني ڊيڊ لاڪ کان بچڻ لاءِ ڊپٽي اسپيڪر جا اختيا ڪالعدم قرار ڏنا وڃن

ياد رهي ته گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر ڀٽي پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جا اختيار واپس وٺڻ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏيندي کيس 16 اپريل تي پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو

ھي به پڙھندا

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس سميت 5 وزيرن کي برطرف ڪري ڇڏيو