ڪرپشن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني نه هجڻ جي نشاني آهي: وزيراعظم

0
227
ڪرپشن ملڪ ۾ قانون جي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني نه هجي ته جمهوريت مضبوط نه ٿيندي، ڪرپشن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني نه هجڻ جي نشاني آهي، هڪ ننڍو طبقو امير کان امير ٿئي ته اُن کي ترقي نٿو چئي سگهجي

 وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران چيو آهي ته ماضي ۾ حڪمرانن غلطيون ڪيون پر بدنام پاڪستان ٿيو، ملڪ ۾ پڙهيل لکيل قيادت  نه هجڻ سبب هڪ خال پيدا ٿيو، اولهه جا ملڪ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي تنقيد نٿو ڪري

ھن چيو تھ اسان وٽ اهڙا ٿنڪ ٽينڪ هجڻ گهرجن، جيڪي پاڪستان کي سڏيندڙن جو مقابلو ڪري سگهن، ڪير به مذهبي دهشتگردي جي اجازت نٿو ڏئي سگهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏيڻ باوجود اولهه جا ملڪ پاڪستان کي ڪريڊٽ نٿا ڏين

 ڀارت ڪجهه به ڪري پر اولهه جا ملڪ اُن تي تنقيد نٿا ڪن، بدقسمتي سان پاڪستان سوڌو اسلامي ملڪن ۾ ٿنڪ ٽينڪس نه آهن، ٿنڪ ٽينڪ هجن ها ته ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي بهتر نموني وائکو ڪري سگهجي ها