ايف آءِ اي پاڻ به غير قانوني ڪم ڪري رهيو آهي: چيف جسٽس اطهر من الله

0
218
جن ميمبرز جون استيعفائون

ڪراچي(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته ايف آءِ اي غير قانوني سوسائٽين خلاف ڪارروائي ڪري رهيو آهي پر پاڻ به اهو ڪم ڪري رهيو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ وزارتن ۽ انهن جي ماتحت ادارن جي نالي تي ريئل اسٽيٽ ڪاروبار بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي, عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته عام طور تي وزارتن ۽ انهن جي ماتحت ادارن جو ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪرڻ غير قانوني آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا حڪومت جا ماتحت ادارا سڌي يا اڻ سڌي طرح ڪو ڪاروبار ڪري سگهن ٿا؟، جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته هو عدالتي حڪم تي هن هفتي ڪابينا کي سمري موڪليندو

چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا هي سرڪاري ادارا پنهنجي نالي تي ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪري سگهن ٿا؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هي مفادن جو ٽڪراءُ آهي، ايف آءِ اي غيرقانوني سوسائٽين خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي ۽ اهو ئي ڪم پاڻ به ڪري رهي آهي، ڇا حڪومت پاڻ نه ٿي ڪري سگهي؟ ڇا هر شئي ڪرڻ لاءِ هي عدالت توهان کي چوي ته هي ڪم ڪيو؟ عدالت قانون موجب فيصلو ڪندي

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته رياست پاڻ ڏوهن کي تحفظ ڏيندي آهي، هتي ڪرمنل اپيلن ۾نظر اچي ٿو ته رياست پاڻ انهن ڏوهن ۾ ملوث آهي، هي عدالت توهان کي ٻڌائي رهي آهي ته هن ۾ بنيادي حقن جو معاملو آهي

چيف جسٽس اطهرمن الله چيو ته اٽارني جنرل ايندڙ ٻڌڻي تي حتمي دليل ڏي، قانون کي ڏسي ڪيس جو فيصلو ڪنداسين. عدالت حتمي دليل طلب ڪندي ٻڌڻي 17 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ھي به پڙھندا

لاپته صحافي ڪيس: سڀني چيف ايگزيڪيٽوز تي آرٽيڪل 6 ڇونه لڳايون؟: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ