پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان 5 سالن لاءِ نااهل قرار

0
250

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ اي سي پي چيو آهي ته توشه خانه ڪيس ۾ ڪرپٽ پريڪٽس ثابت ٿيڻ تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي 3 سال قيد جي سزا ملي آهي

اليڪشن ڪميشن موجب اسلام آباد جي سيشن عدالت کيس هڪ لک روپيا ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي، سزا جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي آرٽيڪل 36 هڪ اِيڇ ۽ اليڪشن ايڪٽ تحت نااهل ٿي ويو آهي، اُنڪري پي ٽي آءِ چيئرمين کي 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي

 اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي توشه خانه ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 سال قيد ۽ هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي

پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت پاران ڏنل سزا ڪاٽڻ لاءِ اٽڪ جيل ۾ قيد آهي