تنقيد ڪندڙ اسان جيترو ڪم ڪري ڏيکارين: بلاول ڀٽو زرداري

0
189
تنقيد ڪندڙ اسان جيترو ڪم ڪري ڏيکارين: بلاول ڀٽو زرداري
تنقيد ڪندڙ اسان جيترو ڪم ڪري ڏيکارين: بلاول ڀٽو زرداري

سکر: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ ايس آءِ يو ٽي ميڊيڪل ڪامپليڪس جو افتتاح ڪري ڇڏيو

 

نئون تعمير ٿيل ايس يو آءِ ٽي ميڊيڪل ڪمپليس 27 ايڪڙ ايراضي تي پکڙيل آهي، ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ 70 ڊائلاسز مشينون ۽ 170 بسترا آهن

افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر اديب رضوي چيو ته پاڪستان ۽ ايس آءِ يو ٽي کانسواءِ دُنيا ۾ ڪٿي به ڪڊني جو مُفت علاج نٿو ٿئي، ايس آءِ يو ٽي ۾ بنا ڪنهن فرق جي مفت ۾ علاج ڪيو ويندو آهي

بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ چائلڊ هيلٿ انسٽيٽيوٽ جو به افتتاح ڪري ڇڏيو، 200 بسترن تي ٻڌل انسٽيٽيوٽ ڏکڻ ڪوريا جي سهڪار سان قائم ڪيو ويو

بلاول چيو ته اسان تي اجائي تنقيد ٿيندي رهندي آهي پر مان اُنهن کي چئي رهيو آهيان ته اسان جيترو ڪم ڪري ڏيکاريو، پوءِ ڀلي تنقيد ڪندا رهجو

بلاول چيو ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به چونڊن کان نه ڊڄندي آهي، اسان جا ڪارڪن هر وقت چونڊن لاءِ تيار هوندا آهن، 2-3 ڏينهن بعد واپس ايندس ۽ گڏجي پ پ جي چونڊ مهم هلائينداسين

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ صحت جا اهڙا ادارا ٺاهڻ چاهيون ٿا، جتي ماڻهو کي عالمي معيار جون سهولتون ملي سگهن، چاهيون ٿا سنڌ جي سمورن وڏن شهرن ۾ چلڊرين اسپتالون قائم ڪيون وڃن، هر ضلعي ۾ ايس آءِ يو ٽي ڪامپليڪس قائم ڪرڻ گهرون ٿا