سڀاڻي صدر ڏانهن ايڊوائيس اُماڻيندس ته اسيمبلي ٽوڙي وڃي: وزيراعظم شهباز شريف

0
181
سڀاڻي صدر ڏانهن ايڊوائيس اُماڻيندس ته اسيمبلي ٽوڙي وڃي: وزيراعظم شهباز شريف
سڀاڻي صدر ڏانهن ايڊوائيس اُماڻيندس ته اسيمبلي ٽوڙي وڃي: وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سڀاڻي صدر ڏانهن ايڊوائيس اُماڻيندس ته اسيمبلي ٽوڙي وڃي، اسان آئيني گهرجون پوريون ڪندي اقتدار نگران حڪومت حوالي ڪيو ويندو

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سنڀالي ته اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پيو، جِن جو اندازو ئي نه هو، آرمي چيف جو ٿورائتو آهيان جو عهدو سنڀاليندي ئي ملڪي ترقي جو پروگرام ٻڌايو

هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام نه ٿئي ها ته ملڪ ڊڦالٽ ڪري ها، پوءِ دڪانن تي به حياتيون بچائيندڙ دوائون نه ملن ها، آءِ ايم ايف اسان جا هٿ ٻڌي ڇڏيا ته ڪنهن به شعبي ۾ سبسڊي نه ڏني ويندي

شهباز شريف چيو ته اڄ اسان تيل سان مهانگي بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون، اُن بجلي جو اگهه 50 روپيا في يونٽ آهي، 200 يونٽ استعمال ڪندڙن کي سستي بجلي ڏيندا آهيون ته جيئن عوام تي بار نه پوي

جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي وارثن ۽ غازين جي مانُ ۾ تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته تري تي تيل نه ڄمندو آهي، اُن ۾ وقت لڳندو آهي، سڀ گڏجي حصو وجهندا ته ڪابه ڏُکيائي رنڊڪ نه بڻجندي، اُهو وقت جلد ايندو جو پاڪستان قرضن مان جان ڇڏائي پاڻڀرو ٿيندو

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته فيصلو ڪرڻ گهرجي ته شهيدن جو احترام ڪرڻو آهي ته وسيلن جي من پسند ورڇ بدران شفاف ورڇ ڪئي وڃي