ڪوٽڙي کان روهڙي تائين ريلوي ٽريڪ مٿي جو سور بڻيل آهي: خواجه سعد رفيق

0
271
ڪوٽڙي کان روهڙي تائين ريلوي ٽريڪ مٿي جو سور بڻيل آهي: خواجه سعد رفيق
ڪوٽڙي کان روهڙي تائين ريلوي ٽريڪ مٿي جو سور بڻيل آهي: خواجه سعد رفيق

ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ڪوٽڙي کان روهڙي تائين وارو حصو اسان لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي، 10-12 ارب روپيا ملي وڃن ته اِن علائقي کي وڌيڪ محفوظ بڻائينداسين، هزارا ايڪسپريس جون بوگيون پُل جي ڪري ڪلٽي ٿيون هيون، حادثي واري هنڌ ٽريڪ تي ڪاٺي جي ڪابه فِش پليٽ نه هئي

قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران خواجه سعد رفيق چيو آهي ته هزارا ايڪسپريس حادثي تي مڪينڪل ۽ ٽريڪ جي شعبن مان 6 ملازمن کي معطل ڪيو آهي، حادثي دوران سنڌ سرڪار، آرمي ۽ رينجرز گهڻو ڪم سهڪار ڪيو، سرهاڙي جي شهرين سڀ کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪيو آهي، ريلوي کي هلائڻو آهي ته اُن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي

هن چيو ته روڊ سيڪٽر ۽ ريلوي کي ڏسون ته ڪابه ڀيٽ نٿي ٿئي، هتي نه ماڻهو پورا آهن ۽ نه ئي پئسا آهن، ٽرين حادثو به اُن علائقي ۾ پيش آيو، جتي ٻوڏ دوران ٽريڪ متاثر ٿيو هو

هن کي به پڙهندا

هزارا ايڪسپريس حادثو: ريلوي کاتي جا 6 آفيسر ۽ ملازم معطل