ملالا يوسف زئي جو برطانوي فيشن ميگزين ”ووگ “ کي ڏنل انٽرويو تڪراري بڻجي ويو

0
545

لنڊن (ويب ڊيسڪ) امن جو نوبل انعام حاصل ڪندڙ دنيا جي ننڍي عمر واري شخصيت پاڪستاني شاگردياڻي ۽ سماجي ڪارڪنن ملالا يوسف زئي جو برطانوي فيشن ميگزين ”ووگ “ کي ڏنل انٽرويو تڪراري بڻجي ويو، ملالا يوسف زئي کي ووگ مئگزين جي جولاءِ 2021 ۾ شايع ٿيڻ واري پرنٽ ايڊيشن سرورق جي لاءِ منتخب ڪيو ويو، ووگ مئگزين جي آن لائن ايڊيشن ۾ ملالا جو انٽرويو شايع ٿيو جنهن ۾ هن مختلف معاملن سميت شادي جي موضوع تي به ڳالهه ڪئي ۽ اها تڪراري بڻجي وئي، پاڪستان ۾ معاملو ٽوئٽر تي ٽاپ ٽرينڊز ۾ شامل آهي، انٽرويو دوران ملالا چيو ته مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ماڻهو شادي ڇو ڪن ٿا؟ جيڪڏهن اوهان ڪنهن جي زندگي جو حصو بڻجڻ چاهيو ته ان لاءِ اوهان کي شادي جي ڪاغذن تي صحيح ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، اها هڪ پارٽنرشپ ڇو نٿي سگهي ٿي؟، ملالا چيو ته ٻين مائرن جيان منهنجي والده به ان ڳالهه تي اتفاق نٿي ڪري، مونکي چيو ته ٻيهر اهڙي ڳالهه نه ڪجان، توکي شادي ڪرڻي آهي.ملالا جي اهڙي بيان کي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ان حوالي سان اڃا تائين ملالا طرفان ڪو به رد عمل سامهون نه آيو آهي.