اڌ نر ۽ اڌ مادي: آمريڪا ۾ انوکو پکي هٿ: ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويا

0
633

پنسلوانيا(دلچسپ نيوز) آمريڪي سائنسدانن هڪ اهڙو جهنگلي پکي ڳولهي ورتو آهي جيڪو هڪ پاسي ” اڌ نَرُ“ ۽ ٻئي پاسي ” اڌ مادي“ آهي، في الحال اِهو هڪ معاملو آهي ته ائين ڇو ٿيو پر امڪاني طور تي ان جو سبب جينياتي (جينيٽڪ) ٿي سگهي ٿو.واضح رهي ته نر ۽ مادي وارا عضوا گڏ رکندڙ جانورن کي ”هرمافروڊائيٽ“ چيو ويندو آهي. ان جي ابتڙ اُهو جانور جيڪو هڪ پاسي اڌ نر ۽ ٻئي پاسي اڌ مادي هوندو آهي، ان لاءِ ”گائنينڊرو مورف“ جي اصطلاح استعمال ٿيندي آهي. يعني هي نه ته مڪمل نر هوندو آهي نه ئي مڪمل مادي.آمريڪي رياست پنسلوانيا ۾ جنگلي جانورن ۽ پکين جي محفوظ قدرتي پناهه گاهه جو درجو رکندڙ هڪ علائقي ” پائوڊر مل نيچر ريزرو“ ۾ پکين جي ٽيگنگ ڪندڙ ٽيم جي هڪ ميمبر ايني لنڊسي ۽ سندس ساٿين اِهو عجيب ۽ غريب پکي 24 سيپٽمبر جي ڏينهن ڏٺو.ان کي ” روز بريسڊ گراسبيڪ“ چيو ويندو آهي ته جنهن ۾ نر جي ڇاتي تي، چنهڀ جي بلڪل هيٺان، تيز گلابي رنگ جو هڪ وڏو ۽ واضح داڳ هوندو آهي جڏهن ته انهن پکين جو اندورني حصو به گلابي رنگ جو هوندو آهي.روز بريسٽڊ گراسبيڪ جي مادي ان کان مخلتف هوندي آهي، هن جي ڇاتي ڀوري رنگ جي هوندي آهي جڏهن ته پکين جو اندورني حصو تيز ڪارو هوندو آهي.پنسلوانيا ۾ ڄاڻايل مقام تان مليل پکي جي ڇاتي جي کاٻي پاسي جي اڌ حصي تي ڳاڙهو داڳ آهي جڏهن ته هن جي ساڄي پر جي اندر به تيز گلابي رنگ جو آهي، جيئن نر جو هوندو آهي. ان جي ابتڙ ڇاتي جي کاٻي پاسي وارو حصو مادي جيان ڀورو آهي ۽ ان جو کاٻو پر به اندران ڳاڙهي رنگ جو آهي.