سڪرنڊ ڀرسان لنڊو شاخ ۾ وهجندي نينگر ٻڏي فوت

0
273

سڪرنڊ(ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان کڏهر ويجهو لنڊو شاخ ۾ 15 ورهين جو نينگر شاخ ۾ وهجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، ڳوٺ جهنڊو خان زرداري جو رهواسي 15 ورهين جو نينگر اٺين درجي جو شاگرد شيراز زرداري لنڊو شاخ ۾ وهجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، وارثن پاران ڳولا کان پوءِ لاش لنڊو شاخ مان هٿ ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ وارثن کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا.