ڇاڇرو ۾ 6 ڪلاڪن ۾ آپگهات جو ٻيو واقعو

0
278

ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇرو ۾ 6 ڪلاڪن ۾ آپگهات جو ٻيو واقعو پيش آيو آهي، ڏاهلي تعلقي ڳوٺ ٻڳل ۾ بيواهه عورت وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو، 40 ورهين جي ذوليخان زال احمد علي نهڙي گهرو اڻبڻت سبب وڻ ۾ ڦاهو کائي زندگي جو خاتمو ڪيو،ڳوٺاڻن جي اطلاع بعد حد جي پوليس کيمي جو پار پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب 6 ڪلاڪن ۾ ڏاهلي تعلقي ۾ آپگهات جو ٻيو واقعو آهي، آپگهات جو ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو آهي پوسٽ مارٽم جي ڪارروائي لاءِ کينسر اسپتال کڻائي وڃي رهيا آهيون.