سنڌ کانپوءِ پنجاب پوليس کي سنڌ واسي پڪڙي مارڻ جي اجازت

0
106
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اسان هنن صفحن ۾ ئي ڪيترائي ڀيرا لکي چڪا آهيون ته پوليس ماڻهن کي جڙتو مقابلن ۾ ماري رهي آهي. نه رڳو ايترو پر سنڌ ۾ ٿيل ڪيترن ئي مقابلن کي عدالتون به ڪوڙو قرار ڏئي چڪيون آهن ۽ ڪيترن ئي اهلڪارن کي سزائون به مليو آهن تنهن جي باوجود جڙتو مقابلا ڪري ماڻهن کي مارڻ ۽ زخمي ڪرڻ وارو اهو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي. پاڻ هاڻ ته ان کي ٽرينڊ بڻائي ماڻهو مارڻ کي فل فراءِ ۽ زخمي ڪرڻ کي هاف فراءِ جو نالو ڏئي ان کي گليمرائز به ڪيو ويو آهي. ان کان به خراب ڳالهه اها آهي ته اڳ ۾ رڳو سنڌ پوليس جا اهلڪار ماڻهن کي ماريندا هئا پر هاڻ ته پنجاب پوليس به ماڻهن کي سنڌ مان کنڀي کڻي پنهنجي حدن ۾ انهن ماڻهن کي ماري رهي آهي ان جو ثبوت ڪجهه ڏينهن اڳ ڪشمور مان گرفتار ڪيل ٻن ڄڻن کي مارڻ مان مليو آهي. اطلاع آهن ته پنجاب جي ڪوٽ سبزل پوليس عورت سان زيادتي ۽ قتل جي ڪيس ۾ ھڪ ھفتو اڳ گرفتار ڪيل ڪشمور واسي ٻن ڄڻن غفار ڪوش ۽ بابو جکراڻي کي ماري ڇڏيو آهي ۽ ان خون کي جائز ثابت ڪرڻ لاءِ وري ان کي مقابلو به قرار ڏنو آهي. پنجاب پوليس ھٿان گرفتار ٿيل ٻنهي جوابدارن مٿان پنجاب واسڻ شر برادري جي ھڪ عورت کي مبينا اغوا بعد جنسي ڏاڍائي ڪري سونا زيور ڦري قتل ڪرڻ جو الزام ھو. پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويلن جا لاش وارث پنجاب مان ڪشمور کڻائي آيا.

وارثن پنجاب پوليس جو جعلي مقابلو ڄاڻائي انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو. مارجي ويلن جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڄڻن کي ھڪ ھفتو اڳ ڪشمور مان گرفتار ڪري پنجاب جي مختلف ٿاڻن تي رکي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ ڪورٽ مان رمانڊ به ورتو ويو. عدالتي رمانڊ دوران لاڪپ مان ٻاهر ڪڍي ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي حد ۾ پنجاب پوليس ناحق گوليون هڻي قتل ڪيو آهي هنن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو ڏوهه ثابت ٿي ھا ته عدالتون سزا ڏيڻ لاءِ کليل ھيون. پنجاب پوليس عدالت کان مٿانهان قتل ڪري انساني حقن جي لتاڙ ڪئي آهي، هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، آءِ جي پنجاب، وزير اعلي پنجاب حمزه شهباز کان مطالبو ڪيو ته پنجاب پوليس جي جعلي مقابلي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڪوٽ سبزل پوليس جو موقف آهي ته جوابدارن شر برادري جي عورت کي اغوا ڪري جنسي ڏاڍائي بعد سونا زيور ڦري قتل ڪيو هو، گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي عورت جو لاش به هٿ ڪيو ويو هو. مارجي ويلن کي ساٿي پوليس کان ڇڏائڻ لاءِ آيا ته پوليس مقابلو ٿيو ۽ ساٿين جي فائرنگ ۾ ٻئي جوابدار مارجي ويا.

اسان سمجهون ٿا ته هنن ٻنهي ڄڻن جو موت عدالت کان مٿاهون قتل آهي جنهن جي مڪمل جاچ ڪرائڻ گهرجي ۽ جيڪو به ذميوار هجي ان کي سخت سزا ملڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته پنجاب ۽ سنڌ جي پوليس اڳ ۾ ئي اهڙن واقعن ۾ بيگناهن کي قتل ڪرڻ ۾ بدنام آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ معشوق بروهي جو قتل ان جو مشهور مثال آهي جنهن ۾ پوليس آفيسرن کي سزا به ملي. جڏهن ته حيدرآباد جي ديپڪ ڪمار جو ڪيس به اهڙو ئي آهي جنهن جو ڪيس اڃا هلندڙ آهي پر ان ڪيس ۾ انصاف نه ٿي سگهيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته حڪومتون ۽ عدالتون اهڙن واقعن جو نوٽيس وٺن ته جيئن بيگناهه ماڻهن کي مرڻ کان بچائي سگهجي ۽ عام ماڻهن تي سنگين الزام لڳائي انهن کي زندگي کان محروم ڪرڻ يا وري معذور ڪرڻ ۾ ملوث اهلڪارن کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي. پوليس جا جڙتو مقابلا ان ڪري به ٿي رهيا آهن جو انهن ڪيسن ۾ انصاف ٿيندي نظر نه آيو آهي. عدالتون ڀلي رات جو کلن پر اهي پنهنجا جزا سزا جا اختيار استعمال ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي به روڪين نه ته عدالتن تي اعتماد ڪيئن بحال ٿيندو؟