کهڙا واسڻ روبينا اڄڻ جي قتل خلاف سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريو ويو ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ جسٽس فار روبينا اڄڻ ٽرينڊ هلايو ويو، مقتولا جي ڀاءُ مبين اڄڻ کليل خط لکندي چيو ته ڏک جي خبر ۽ ھٿ ٻڌي ڳوڙھن ھاڻن اکين سان لکيل ھڪ غريب ۽ مظلوم شاعر جي درد ڪٿا، آئون سڀني شاعر اديبن صحافين،وڪلين سول سوسائٽي جي نمائندن عورت اين جي اوز کي کليل خط ذريعي ھٿ ٻڌي اپيل ڪندس ته ڪجهه ڏينھن پھريان منھنجي نوجوان ڀيڻ کي ڪجهه نامعلوم ماڻھن اغو ڪري قتل ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان جو لاش گھڻي ڳولا کان پوءِ ڪنڊيارو ريگيوليٽر مان ھٿ آيو اتان جي مقامي پوليس جنھن کي لااروث ڄاڻائي دفنايو ڇڏيو آھي آئون گذراش ڪندس چيف جسٽس آف پاڪستان، آءِ جي سنڌ، وزيراعليٰ سنڌکي ته منھنجي ڀيڻ جو لاش اسان وارثن حوالي ڪيو وڃي ۽ ھُن واقعي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي اسان جي بيگناهه نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي. جنهن تي گلاب چانڊيو، قيوم مهر، سڪندر علي، علي اصغر گهمرو، محمد هارون مزاري، عثمان اڄڻ، علي حسن پنهور، علي نواز مهراڻي، اعجاز سميجو، عادل اعجاز جهتيال، عامر ڪمال، فاروق سيٺار، اشرف سولنگي ۽ ٻين واقعي جي مذمت ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو. خالدا منير پڻ اهڙو خط شيئر ڪيو، جنهن تي صالح ميمڻ لکيو ته ان مسئلي ۾ انصاف لاءِ خون جي ايف آءِ آر داخل ڪرايو ۽ واسطيدار سيشنس ڪورٽ جي لاش ڪڍرائي ان جو پوسٽ مارٽم ڪرايو، جن تي شڪ يا پڪ آھي انھن جا نالا ايف آءِ ۾ درج ڪرايو، باقي ٻيو ڪو به رستو ناھي جو ڪو ھن خط جو نوٽيس وٺي ۽ خون جھڙي معاملي ۾ انصاف ڏياري، باقي مذمتون سڀ ڪندا رھندا ۽ ھي پوسٽ ڊگھي ٿي ويندي، جنھن جو نتيجو ڪو به نه ھوندو. سڪندر علي پسو لکيو ته وڏو ظلم ٿيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، عنايت کٽياڻ لکيو ته عدالت هن لاقونيت جو نوٽيس وٺي ڏوهارين کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، مسافر هاليپوٽو لکيو ته اعليٰ اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪريون ٿا، اعجاز جروار لکيو ته هي انتهائون هاڻي روز مو معمول بڻيل آهن نه حڪمرانن جي اک کلي ٿي نه وري اسان جو سماج ڪو عملي قدم کڻي ٿو، عبدالرحيم عبد ڪنڀر لکيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي قاتلن کي سزا ڏني وڃي، سنڌو ڏاهري، ريحانه فتح خان، محمد مصري رند، انور بڙدي، سيما چانڊيو، نجمه پنهور، ومل شرما، منتظر گولو، تنوير سنگهه سوڍو، زبير سومرو، منٺار علي ملاح، ايڊووڪيٽ مير محمد نهڙي، رياض ڪالادي، شبانه ميمڻ ۽ ٻين واقعي جي مذمت ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو. نصرت سحر عباسي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هي وڊيو ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي، جيڪڏهن اوهان ڀيڻ ڌيءُ وارا آهيو ته ضرور دل تڙپندي هوندي هي نياڻي مبين کهڙي سنڌ جي شاعر جي ڀيڻ هئي ان کي اغوا ڪري لاش درياهه ۾ اڇلايو ويو، ڪيستائين سنڌ جون نياڻيون ايئن قتل ٿينديون رهنديون؟ ايوب گل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گلاب هِن زمين جو، ڪو هِتِ ڪِريو، ڪو هُتِ ڪِريو! سنڌ جي هن مظلوم نياڻيءَجي خون سان انصاف ڪير ڪندو!؟ ڪنهن در دانهن ڏجي!؟ جنهن تي عمران حسن، ساگر هنڱورجو، محمد يعقوب، مخدوم آسيه قريشي افسوس جو اظهار ڪيو، ماڻڪ ڪنگراڻي لکيو ته انصاف گهرجي، قاضي نسيم پارس لکيو ته ڏک جهڙي ڳالھه آھي اسان بيحد پياري شاعر مبين اڄڻ جي ڀيڻ جو ٻڌي اکين مان ڳوڙها نه ٿا رڪجن هي معاشرو ڇا ڪري رهيو آھن؟ هاڻي اسان اديبن جون عزتون به محفوظ نه آھن، اسان مراد علي شاھه، سائين سردار شاھه، آءِ جي سنڌ سان مطالبو ٿا ڪريون ته اهڙي ٿيندڙ ظلم جو جلد کان جلد نوٽيس وٺي قاتلن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. اياز کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته کھڙا واسي نياڻي ربينا اڄڻ جي بي رحماڻي قتل خلاف سڄي سنڌ واسين کي اپيل آھي ته قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڀرپور مھم ھلائي وڃي ته جيئن قاتل جلد گرفتار ڪيا وڃن.جنهن تي نياز کوسو، اي ڪي احمداڻي، ايوب کوسو ۽ ٻين پڻ ردعمل ڏيندي قاتلن جي کي سزا ڏيڻ جي گهر ڪئي. امير جان چانڊيو ۽ شانل کوسو پڻ واقعي خلاف پوسٽ شيئر ڪئي.جنهن تي سائرا نواز سومرو ۽ خالدا سحر افسوس جو اظهار ڪيو. سيرت آسيه بلوچ، جيسراڻي برما، بلاول لاکو، صنم منگي ۽ ٻين پڻ پوسٽون شيئر ڪندي واقعي جي مذمت ڪئي ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.