شڪاپور ۽ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ڳڙهي تيغو ۾ آپريشن دوران پوليس تي ڌاڙيلن جي حملي ۾ 2 اهلڪار ۽ فوٽو گرافر شهيد ٿي ويا، اهڙي آپريشن ۾ پوليس اهلڪارن ۽ ڌاڙيلن جون وڊيوز وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو، پوليس ۽ حڪمرانن مٿان تنقيد شروع ٿي وئي، مختلف سوال پڻ اٿاريا ويا. ان سلسلي ۾ قاضي آصف شڪيل سومرو جي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ لکيو ويو ته اوچتو ٻيهر قبيلائي جهيڙا ۽ ڌاڙيل دهشتگردي اتفاق نه پر سنڌ خلاف هڪ منظم سازش آهي. جنهن تي شاهنواز شيخ لکيو ته ايڏا ڪروڙين رپين جا هٿيار ڪيئن اتي پهچن ٿا ٻيو ته معاملو اٿڻ کانپوءِ هڪدم رينجرز ۽ فوج آڻڻ جا مطالبا ٿي رهيا آهن، جي آر جوڻيجو لکيو ته ڪيتري ئي وقت کان اهي معاملا هلي رهيا آهن جيڪڏهن ادارا چاهين ته ختم ڪرائي سگهن ٿا. سارنگ منير سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جتي ايس ايس پي جو اجلاس ختم ٿيڻ کان اڳ ئي معلومات ڏوھارين وٽ پھچي اتي ڌاڙيلن کان اڳ ۾ پوليس جو آپريشن ٿيڻ گھرجي،جنهن تي اظهر علي لکيو ته بلڪل پوليس مان ڪارين رڍن جو صفايو ٿيڻ گهرجي، نصير ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڏهاڪن تائين پوليس کي سياسي بنيادن تي ڀرتي ڪرڻ، ان کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ، کاتي جي وسيلن کي ڪرپشن جي ور چاڙهڻ ۽ اداري مان پروفيشنلزم کي نيڪالي ڏيڻ جو نتيجو اهو آهي جو هاڻي پوليس شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز کان وٺي ڪچي جي ڌاڙيلن تائين هر ڏاڍي اڳيان واريءَ جي ڀت جيان ڀُري ٿي پئي. پوليس جون بڪتر بند گاڏيون ڌاڙيلن جي جديد هٿيارن جي سٽ نه ٿيون سهي سگهن. ان صورتحال لاءِ ٻاهرين هٿن تي ذميواري لاڳو ڪري سنڌ حڪومت کي آجو نه ٿو ڪري سگهجي. ڪچي ۾ جتي پونسٽان جي ٽڪي نه ٿي پهچي اتي اهي جديد جنگي هٿيار ڪيئن ٿا پهچن، اهو سوال ته سڀ ڪن ٿا پر ان جو حل به حڪومت کي ئي ڪڍڻو آهي. اهي بظاهر اوچتا نظر ايندڙ واقعا ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن اسڪرپٽ جو حصو هجن پر ان ٿيوريءَ جي باوجود به ذميواري بحرحال حڪومت تي ئي لاڳو ٿئي ٿي. قبائلي دهشتگردي ڪندڙ سردارن جي سرپرستي ۽ هٿيارن جي سَولي چرپر جي پٺيان برابر ڪي وڏا هٿ به آهن پر اهو دليل حڪومت کي پنهنجي حصي جي ذميواري ۽ پڇاڻي کان آجو نه ٿو ڪري سگهي. هيٺ کان مٿي تائين هڪ مڪروه نظام آهي جنهن جي چنبي ۾ سنڌ جو امن ۽ ترقي تڙپي تڙپي ساھ ڏئي رهيا آهن. جنهن تي عبدالقدير ميمڻ لکيو ته 1983ع واريون حالتون پيدا ڪري سنڌ ۾ فوجي آپريشن جو بهانو بڻايو پيو وڃي، حفيظ ڪنڀر لکيو ته سنڌ ۾ ڇا پاڪستان ۾ پوليس جو رول مضبوط ٿيئو ئي ڪونهي،خليل انصاري لکيو ته سڀ ڪوڙ آهي جيئن بيگناهه کي ٽنگي مال ڪمائين،شفيع ملاح لکيو ته جيستائين ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ڪندڙ سردارن وڏيرن کي رسو نه پوندو تيستائين اهڙا واقعا ٿيندا رهندا، نور رمضان راڄپر لکيو ته سنڌ توڙي وفاقي حڪومتن ۾ ويٺل وڏيرن سردارن ۽ جاگيردارن جي اليڪشن کٽڻ جو هي ڌاڙيل ذريعو آهن، حبيب راڄپر لکيو ته آءِ جي مشتاق مهر ناڪام ٿي ويو آهي، اسان بيروزگارن کي ڌاڙيل پڪڙڻ جو ٽاسڪ ڏنو وڃي ته بنا ڪنهن نقصان جي ۽ مڪمل ثبوتن سان گڏ ڌاڙيل پڪڙي عوام آڏو پيش ڪنداسين، اصغر علي نهڙي لکيو ته سنڌ سرڪار ڌاڙيلن آڏو ناڪام ٿي وئي آهي.بشير قادر لکيو ته سنڌ پوليس رڳو ڪرپشن ڪرڻ ڄاڻي ٿي. روشن برهماڻي ڌاڙيلن جون جشن ملهائڻ واريون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته هي سڀ تصويرون ۽ فوٽيج سواليا نشان آهن؟ سنڌ سرڪار لاءِ!! هي سنڌ پوليس جي تذليل ناهي، سنڌ پوليس جي شھيد بھادر جوانن کي سلام، هي تذليل آهي سنڌ جي حڪمرانن جي، انهن حڪمرانن جي جن پنھنجي حڪمراني قائم رکڻ لاءِ سنڌ پوليس کي سياسي ڀوتارن وڏيرن سردارن جو ٻڌو ٻانهو بڻائي ڇڏيو آهي، هر ضلعي جو ايس ايس پي جيسيتائين اتان جي سياسي ڀوتار وڏيري جي در تي سلامي نٿو ڏئي ۽ ان جون فرمائشون پوريون نٿو ڪري، تيسيتائين اهو قابلِ قبول ناهي.جنهن تي يونس چانڊيو لکيو ته وڏي ڳاله ته بڪتربند گاڏي مان ٻه سپاهي وڊيو ذريعي پيغام موڪلي رهيا آهن ته ان باوجود ايس ايس پي مدد لاءِ وڌيڪ فورس ڇو نه موڪلي، لاوارث سمجهي ڇڏيو ويو، هو شهيد ٿي ويا، ايس ايس پي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي کيس فوري طور هٽايو وڃي،احمد علي ابڙولکيو ته قانون ڪمزور آهي، علي ڪامران سهتوپوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس ايس پي شڪارپور پاران 8 ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي وڊيو ۾ ته ڌاڙيل جمهريون پيا هڻن، مرڻ وارا جيشن ڪيئن ٿا ملهائي سگهجن؟ نورالدين سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪڏھن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي شڪارپور، ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ۾ ٿوري به همٿ آهي ته ھنن ڌاڙيلن کي عبرت جو نشانو بڻائن ۽ پنھنجي شھيد ٿيل جوانن جو پلاند ڪن . پريم سوني پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جديد ھٿيار سنڌ جي ڌاڙيلن وٽ ڪٿان تان پھچن ھي ھٿيار ڪھڙا ادرا استعمال ڪندا آهن مارڪيٽ ۾ به نه ٿا ملن ته پو ڪچي ۾ ڪير ۽ ڪيئن ٿو پهچائي؟ فدا حسين لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ميڊيا تي مسلسل خبرون ھلن پيون ته شڪارپور پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلي دوران ڪيترائي جوان شهيد ٿي چڪا آهن ان کان اڳ ۾ به منير مصراڻي واري ٽولي ڪيترائي جوان شھيد ڪياڪجهه اھڙيون حقيقتون آهن جو پوليس کي ناڪامي جو ذميوار نٿو قرار ڏئي سگهجي، اھڙا اسڪينڊل به ميڊيا تي آيا ته گورنمنٽ جي خرچ تي اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي ڪرپشن ڪري ناقص اي پي سيسز سنڌ پوليس لاءِ ورتيون، پوليس وٽ جديد هٿيار ناهن، ضلعن تي مقرر ٿيل ايس ايس پيز پنهنجي فورس جي سپاهين جا فنڊ کائڻ کان نٿا مڙن، ڪافي دوستن جا رايا آهن ته ملٽري آپريشن ڪيو وڃي منهنجي ذاتي راءِ آهي ته پوليس کي ئي جديد هٿيار ڏجن ته ڌاڙيلن جو خاتمو ممڪن آهي ھر ڊويزن ۾ ھڪ گن شپ ھيليڪاپٽر اينٽي ايئر ڪرافٽس گنس، گن شپ ڊرونز ھجن جيڪي اي آءِ جي ڊويزن جي ڊسپوزل تي ھجن، آپريشن کي جديد طرز عمل سان انجام ڏجي تي سنڌ جي ھن ناسور مان جان ڇٽندي. عابد لاشاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سدائين پوليس جي نالي تي سياستدان ۽ پوليس آفيسرن ڪرپشن ڪئي اهو سبب جو هاڻ چار ڌاڙيل سڄي سنڌ پوليس کي چيلينج پيا ڪن. ماجد سمون پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڌاڙيلن کي پوليس ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيو، ڏوهن تي ضابطو اچي ويندو، جنهن تي ذلفي چاچڙ لکيو ته ماضي ۾ ايئن ٿيو هو، جي ايم کوکر لکيو ته جيئن 92ع ۾ نواز شريف ڪو هو، قمر نواب ڪانڌڙو لکيو ته 1985ع ۾ واري حڪومت ۾ ان وقت سنڌ جي وڏي وزير سيد غوث علي شاھ سنڌ رزرو پوليس SRP ٺاهي جنهن ۾ مختلف قسم جا ڏوهاري ۽ آڱوٺي ڇاپ به ڀرتي ڪيا ويا هيا. ان وقت سهراب ڳوٺ ڪراچي ۾ افغانين خلاف ان ئي فورس کان ڪامياب آپريشن ڪرايو ويو هو. برڪت جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوليس جي ناقص پلاننگ، ناقص بڪتربند گاڏين جي ڪري اهلڪار شهيد ٿي ويا. وحيد بروهي پوسٽ شيئر ڪندي ليکو ته سنڌ حڪومت شڪارپور جي ڪچي ۾ آپريشن لاءِ رينجرز ۽ فوج کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سعيدا گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ پوليس جي اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪري شھيد ڪندڙ ھي ڌاڙيل ڪا آسماني مخلوق ڪونه آھن، قبائلي سردار پاڻ کي زندھ رکڻ لاءِ صدين کان معصومن زندگين سان خون جي ھولي کيڏي رھيا آھن انھن سردارن مٿان ڪيس داخل ٿين عدالتن جي ڪٽهڙي ۾ آڻجي.