ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ جي ناراض ايم پي اي اسلم ابڙو چيو آهي ته پي ٽي آءِ سينيٽ چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪري ها ته سندن کوڙ ميمبرز پ پ کي ووٽ ڏين ها
پي ٽي آءِ جي ناراض ايم پي اي اسلم ابڙو طرفان پارٽي جي اڪثر ميمبرز جا پ پ سان رابطن جو انڪشاف ڪيو ويو آهي
جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ اسلم ابڙو چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز پارٽي مان خوش نه آهن، پي ٽي آءِ جا گهڻا ايم اين ايز وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رِٿ جي حمايت ۾ ووٽ ڏيندا، پي ٽي آءِ قائد پنهنجي ايم اين ايز سان ملي ٿو نه ئي هٿ ملائي ٿو