ممبئي (شوبز نيوز) مشهور ڀارتي اداڪاره سني ليئون تنقيد ڪندڙن سان ڇا ڪندي آهي؟ ان سوال جي جواب ۾ سني ليئون چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪرڻ سان مون تي ڪو فرق نٿو پوي ڇو جو اهو منهنجي زندگي جو حصو آهي. ادڪاره ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو تنقيد ڪري ٿو ته ان جو مقصد توجهه حاصلڪرڻ هوندو آهي،
ان ڪري تنقيد ڪندڙن کي منهن ڏيڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته انهن جا ڪمينٽ نه پڙهو ۽ انهن کي بلاڪ ڪري ڇڏيو. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ٽرول ڪندڙڻ کي بلاڪ ڪري ڇڏيندي آهيان. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي ويهي تنقيد ڪندڙ صرف انهن فنڪارن جي پويان ويندا آهن جيڪي انهن جا سڀ کان وڌيڪ متاثر هوندا آهن.
ھي به پڙھندا