گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) چيف مانيٽرنگ آفيسر سنيل ڪمار جي رپورٽ تي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پرائمري سکر حاجي محمد ٻرڙو 45 استادن کي ڊيوٽين تان غيرحاضر رهڻ تي آخري شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. چيف مانيٽرنگ آفيسر پاران گهوٽڪي، ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو، خانڳڙهه ۽ اوٻاوڙو تعلقن ۾ اسڪولن جي معائني دوران مختلف اسڪولن مان 45 کان وڌيڪ استاد ڊيوٽين تان غائب هئا. چيف مانيٽرنگ آفيسر پاران اسڪولن جي معائني بعد ڊيوٽين تان غيرحاضر رهندڙ استادن جي رپورٽ ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن پرائمري سکر کي اماڻي وئي هئي. ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن پرائمري سکر حاجي محمد ٻرڙو ڊيوٽين تان غيرحاضر رهندڙ 45 استادن کي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي هڪ هفتي اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي. ڄاڻايل استادن ۾ عبدالستار، محمد رمضان، نور محمد، الطاف احمد، صائمه خاتون، عابده پروين، مينا ڪماري، طارق علي، انور ناز، فاطينه خاتون، نويد حسين شاهه، مديحه خاتون، نجما پروين، ڪلثوم، سلميٰ بي بي، حسينا رسول، راشده ڪوثر، غلام ياسين، جاويد ڪولاچي، محمد منصور، اربيلو ڦلپوٽو، مختيار علي، احمد علي، عبدالقيوم، رشيد علي، ذولفقار علي، محمد اسلم، رفيق احمد، حاجي خان، خالد حسين، علي محمد، رسول بخش، محمد دائود، طلعت محمود، خادم حسين، محمد ايوب، خليل احمد شاهه، غلام علي، الهيار خان، قمر الدين، فرمان علي ۽ اعجاز احمد شامل آھن.