ڪووڊ ۱۹: پنڌ پري، منزل ڏور

0
167
واڪا ڪرڻ مون وس

   ھن غير معمولي عالمي وبا ۾ ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو گذاريندي دنيا اندر ڪي ٻه ڪروڙ ماڻھو فوت ٿيا آھن ۽ ايڪونجاهه ڪروڙ فردن ۾ وائرس جي ھجڻ جي ثابتي به ملي. وائرس جي اوميڪران قسم سان معمولي تڪليف ۽ جهجها ڪيس به ظاھر ٿيا. ويڪسين واپرائڻ جو لاڀ حاصل ڪندي، وبا سبب لاڳو ڪيل بندشون به ختم پيون ٿين، اجتماع، آفيسون، ڪاروبار، ماسڪ کانسواءِ بازار وڃڻ، سفر جون سھولتون به معمول تي اچي ويون آھن. تشخيص ۽ نظرداريءَ Testing and surveillance جو زور پڻ گهٽيوآھي. ماڻھو وبا کان تنگ ٿي پيا آھن ۽ ان کي ھڪ ڊيڄاڙيندڙ خواب سمجهي وسارڻ جون ڪوششون پيا ڪن. جيڪا ھڪ وڏي خوشفھمي ھوندي.

جيڪڏھن چوڌاري نظر ڦيرائيون ته ھن عالمي وبا جو ورتاءُ ھر ھنڌ ھڪ جھڙو ڪونھي. پري ڇو وڃئون پاڙي ۾ چين اڄ سوڌو وبا کان ٿيندڙ حالتن تي گھري نظر رکندي ڏاڍو محتاط آھي. تازو شھنگائيءَ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪري انھن بيماريءَ تي ضابطو آندو آھي. چينين جو چوڻ آھي ته عمر رسيدہ آبادي ۽ ويڪسين جو مڪمل لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنھن به قسم جي ڪوتاھي برداشت نه ڪبي.

ٻئي پاسي دنيا ۾ ويڪسين اڻ برابري ۽ صحت جي عالمي اداري WHO طرفان مقرر ڪيل ستر سيڪڙو آباديءَ کي ويڪسين مھيا ڪرڻ جو هدف ته جھڙوڪر خواب ئي رھجي ويو آھي. معاشي اڻ برابري، ويڪسين قوم پرستي، بوسٽر ڊوز، ٻارن کي ويڪسين، ويڪسين ذخيرہ اندوزي ايستائين جو پئسي وارن ملڪن ويڪسين جون لکين خوراڪون مدو پورو ٿيڻ سبب ضايع ڪري ڇڏيون پر ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي اسرندڙ ملڪن کي ويڪسين پئسين ڳنھندي به نه ملي.  جتي دنيا جي مجموعي طور سٺ سيڪڙو بالغ آباديءَ کي ويڪسين جون ٻه خوراڪون مليون آھن. اتي چاليھن اسرندڙ ملڪن ۾ اھو تناسب ويهه سيڪڙي کان به گهٽ آھي. انھن حالتن ۾ وائرس جون نيون شڪليون پيدا ٿيڻ جو سازگار ماحول آھي، جنھن ڪري وائرس نيون نيون شڪليون مٽائي پيو.

ويڪسين اڻ برابريءَ سان گڏ علاج جي اڻ برابري پڻ ھڪ وڏو مسئلو ٿي سامھون آيو آھي. جنھن مقدار ۾ پئسي وارن ملڪن دوا خريد ڪرڻ لاءِ دواساز ڪمپنيءَ سان اڳواٽ سودا ڪيا آھن، ان صورتحال ۾ اسرندڙ ملڪن کي سن ۲۰۲۳ع ۾ به دوائون ميسر نه ھونديون. ڇاڪاڻ ته دوا تي ھڪ ڪمپنيءَ جي ھڪ ھٽي آھي. ھن وقت جتي ويڪسين ۽ دوائن تان سرمائيداراڻي مالڪي patent واري ھڪ ھٽي ختم ڪري اھي ھر ھنڌ ٺھڻ جا وسيلا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آھي، اتي وائرس جي تشخيص، جينياتي درجا بندي ۽ نظرداريءَ جي طريقن تي پڻ ڌيان ڏيڻو آھي.

نيولبرل سرمائيداراڻين معيشتن ۾ صحت جي شعبي جي عوام جي ملڪيت مان ٺيڪيداري ڏانھن منتقلي، ھيلٿ انشورنس، خانگي شعبي ۾ صحت ھڪ ڪاروبار ھجڻ ھن عالمي وبا ۾ جڏھن اھو ثابت ڪيو آھي ته اھي ڀروسي جوڳا ڪونھن ۽ صحت جون سھولتون عوام جي ملڪيتي اداري طور بنا معاوضي فراھم ڪرڻ جو بندوبست ئي اعتبار جوڳو طريقو آھي ته دنيا کي ان طرف به ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ صحت کي عوام جي ملڪيتي اداري طور ٻيھر تشڪيل ڏيڻو پوندو. صحت جي شعبي ۾ سلهه، ھيپٽائيٽس، مليريا ۽ ايڊز جھڙين وچڙندڙبيمارين، ذيابيطس، غذائي ڪميءَ ۽ ويم جھڙن مسئلن ۽ بيمارين کان بچاءَ جي ٽڪن واريون صحت جون سھولتون جھڙي نموني ھن عالمي وبا ۾ متاثر ٿيون، ان کي سامھون رکي صحت جي سڄي نظام تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، جيئن وبا جي ڪري رھجي ويل هدف به حاصل ڪري سگهجن ۽ ايندڙ ڪنھن ناگھاني حالت ۾ انھن ساڳين مشڪلاتن کي منھن نه ڏيڻو پئي.

صحت ڪارڪنن جي تربيت، تعداد، قابليت، استطاعت، ماھراڻي، حيثيت لاءِ پڻ ملڪي سطح تي ادارا قائم ڪرڻا پوندا، جيئن انھن مسئلن کي منھن ڏئي سگهجي. پاڪستان جھڙن وفاقي ملڪن ۾ وحدتن جي سطح تي ادارا قائم ڪرڻا پوندا.

ھن مھيني مئي سن ۲۰۲۲ع ۾ رٿيل ورلڊ ھيلٿ اسيمبليءَ جي پنجھترين اجلاس جي شڪل ۾ ھڪ موقعو آھي جنھن ۾ اسرندڙ ملڪن لاءِ ڪنھن معاھدي تي ڳالهه ٻولهه شروع ڪجي جيئن ويڪسين، دوا، علاج ۽ صحت جون جديد سھولتون سرمائيداراڻي مالڪيءَ جي ڪوڙڪيءَ مان آزاد ھجن ۽ ھر ملڪ کي پنھنجي طور مقامي پيداوار، خريداري ۽ استعمال جو حق ھجي. ملڪن کي انفرادي ۽ اجتماعي غلطين توڻي ڪوتاھين مان سکندي آئيندي لاءِ تياري ڪرڻ گهرجي، جيئن ڪنھن وبا جي صورت ۾ ان کي سائنسي طريقي سان منھن ڏئي سگهجي.

صحت جي عالمي اداري کي گهرجي ته ملڪن جي انھي سلسلي ۾ لياقت، استطاعت ۽ تياريءَ جو ششماھي وچور جاري ڪري جيئن خبر پئي ته اسان انفرادي ۽ اجتماعي طور ڪٿي بيٺل آھيون. سرنديءَ وارن ملڪن کي اڳتي وڌي سياسي لوڀ کانسواءِ گهرجائو ملڪن جي سھائتا ڪرڻ گهرجي.