ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ اولهه بلديه ۾ واقع شاهد حيات پوليس ٽريننگ سينٽر تي ڇاپو هڻي پنج ڏينهن کان ناحق بند نوجوان طلعت نذير کي بازياب ڪرائي ورتو. جوڊيشل مئجسٽريٽ ايس ايچ او (سي ٽي ڊي )۽ ٻين کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو. ان ڏس ۾ ناحق بند نوجوان جي والده سيشن جج اولهه جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي موقف اختيار ڪيو هو ته پوليس پنج ڏينهن کان منهنجي پٽ کي بيگناهه باندي بڻايوآهي، سندس آزادي لاءِ 50 هزار رپيا رشوت گهري پئي وڃي.