سکر (بيورو رپورٽ) نيب سکر ريجنل بورڊ جي ميٽنگ ۾ مختلف محڪمن ۾ ڪرپشن جي انڪوائري ۽ نامزد آفيسرن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نيب جي ريجنل بورڊ خوراڪ کاتي شڪارپور جي آفيسرن خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي، آبپاشي کاتي جي بيگاري بند جي آفيسرن خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي، ميونسپل ڪارپوريشن جيڪب آباد جي اڳوڻي چيئرمين غلام عباس خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته ٽي ايم اي سکر جي اڳوڻي آفيسر خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي. ريجنل بورڊ جي ميٽنگ ۾ مختلف ريفرنس ۾ پلي بارگينگ جي منظوري ڏني وئي، پلي بارگيننگ جي مد ۾ 2 ڪروڙ چاليهه لک رپيا قومي خزاني ۾ شامل ٿيندا.