اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ وزارت جو قلمدان وفاقي وزير فواد چوڌري کي ملڻ کان پوءِ انفارميشن گروپ جي گريڊ 21 جي آفيسر شاهيرا شاهد جيڪا ايڊيشنل سيڪريٽري طور وزارت ۾ ڪم ڪري رهي هئي ان کي سڌ سماءَ وزارت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري طور انچارج وفاقي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اهڙو نوٽيفڪيشن فوري لاڳو تصور ٿيندو، جڏهن ته انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر سيد مبشر توقير شاهه کي گريڊ 21 ۾ ترقي ڏئي کيس سڌ سماءَ وزارت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.