اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملا ڪيس ۾ سرڪاري وڪيل جي پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي بغير ڪارروائي جي 25 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه جج راجا جواد عباس حسن جي عدالت ۾ ڪيس ۾ پرويز خٽڪ ۽ عليم خان جي طرفان بريت جون درخواستون داخل ڪيون ويون جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 25 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.