لاهور (م ڊ) پنجاب ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي عملدار نامور سائنسدان آئزڪ نيوٽن کي عورت قرار ڏيندي سندس فوٽو کي پوتي پارائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پنجاب جي درسي ڪتابن ۾ هڪ سبق آئزڪ نيوٽن جو آهي جنهن ۾ سندس فوٽو به آهي، جڏهن اهو ڪتاب بڪ بورڊ جي گڏجاڻي ۾ پيش ڪيو ويو ته هڪ ميمبر سبق ڏسندي ئي نيوٽن کي عورت سمجهيو ۽ سوال ڪيو ته هن کي پوتي ڇو پاتل ناهي؟ اها خبر سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي وئي ۽ ماڻهن سخت حيرت جو اظهار ڪيو آهي.