ڪراچي مان ٽي ٽي پي جي نيٽ ورڪ جو خاتمو، ڪمانڊرز سميت 17 دهشتگرد گرفتار

0
108
ڪراچي پوليس ڌاڙيل بڻيل: رينجرز جو سي ٽي ڊي تي ڇاپو: شهري بازياب: ايس ايچ او معطل
ڪراچي پوليس ڌاڙيل بڻيل: رينجرز جو سي ٽي ڊي تي ڇاپو: شهري بازياب: ايس ايچ او معطل

ڪراچي مان ٽي ٽي پي جي هڪ وڏي نيٽ ورڪ جو خاتمو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته  اهم ڪمانڊرز سميت 17 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا آهن

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن کي افغانستان مان ٽي ٽي پي جي قيادت جي سرپرستي ۾ مدرسي جي شاگردن جي روپ ۾ منظم ڪيو ويو هو

 قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري ڪراچي مان ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو

دهشتگرد ڪراچي ۾ دهشتگردي  جي ڪاررواين جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا

انٽيليجنس ايجنسيز جي مدد سان ڪارروائي ڪري 17 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار دهشتگرد ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتي خوري ۽ ٻين ڏوهن ۾ گهربل هئا

گرفتار ڪيل دهشتگرد 2007 کان 2014ع تائين ٽي ٽي پي نيٽ ورڪ جو حصو هئا، دهشتگرد سوات ۽ مالاڪنڊ ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ اين جي اوز تي حملن ۾ به ملوث هئا