جوهي (ن پ ا) کيرٿر جابلو پٽي تي برساتن کانپوءِ ڪاڇي ۾ نئين گاج سميت ٻيون نئيون وهي آيون، جنهن سبب ڪاڇي جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به ٻوڏ واري صورتحال برقرار آھي. آبپاشي عملدارن طرفان ٻڌايو پيو وڃي ته نئين گاج جي زيرو آر ڊي وٽ پاڻي جو وهڪرو 6 فوٽ هلي رهيو آھي. جڏھن ته ايف پي بچاءُ بند جي مختلف آر ڊي  وٽان 6 کان 7  فوٽ پاڻي جو وهڪرو منڇر طرف وهي رهيو آھي. نئيون وهي اچڻ سبب ڪاڇي جا ٽي مين رستا آھن حاجي خان جوهي روڊ، واهي پانڌي جوهي روڊ، ڇني جوهي روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا آھن يونين ڪائونسل ڊرگهه بالا، واهي پانڌي، ساوڙو، ڇني جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو ٻن ڏينهن کان جوهي سان زميني رابطو ڪٽيل آھي واهي پانڌي روڊ تي مختلف هنڌن تي گهارا پوڻ سبب علائقي واسي پاڻي جهاڳي ڳوٺن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آھن، علائقي واسين جو چوڻ آھي ته ڪاڇي جا هڪ ته رستا ٻن ڏينهن کان بند آھن ٻئي طرف صحت جون سهولتون نه هجڻ ڪري ڪاڇي واسي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آھن رستا بند هجڻ ڪري ڪاڇي جي واهي پانڌي حاجي خان ڊرگهه بالا شھر ۾ کائڻ پيئڻ شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آھي ضلعي انتظاميا طرفان ڪاٿي به امدادي سرگرميون نظر ٿيون اچن نه انتظاميا سان گڏ چونڊيل نمائيندا به ڪاڇي واسين کان لاتعلق بڻيل آھن.