پليجاڻي(ن پ ا) پليجاڻي  جي ڀيل ڪالوني جي رھواسي باسي ڪولھي مڙس لالو ڪولھي خلاف دانهيندي چيو آهي ته مڙس روز شراب پي مونکي مارڪٽ ڪري ٿو ۽ گاريون ڏئي ٿو، شراب لاءِ روز پيسا گھري ٿو پيسا نه  ڏيڻ تي مون تي غلط قسم جا الزام ھڻي وحشياڻو تشدد ڪندو رھي ٿو حد جي پوليس  ۽ علائقي جي بااثر کي به   باربار شڪايت ڪئي آهي پر ڪير به  مون غريب جي واھر نه ڪري رهيو آهي.