ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ۾ وقفي وقفي سان ھلڪي ۽ تيز برسات سبب ميھڙ جا روڊ رستا تلاءَ بڻجي ويا، ميونسپل عملو گم، برساتي پاڻي گھرن، آفيسن ۾ ڪاھي پيو، پاڻي بيھڻ سبب ڪاروبار متاثر، سرڪاري آفيسن ۾ پاڻي بيھڻ سبب آفيسن جو ڪم ڪار شروع نه ٿي سگھيو ميھڙ ۾ گذريل ڏينھن کان جاري تيز ۽ ھلڪي برسات سبب ميھڙ جا روڊ رستا تلاء بڻجي ويا آھن اڪثر علائقن ۾ پاڻي بيھي ويو آھي پر ان باوجود ميھڙ ميونسپل عملي تحرڪ ناھي ورتو ميھڙ ۾ ميونسپل عملي جي نااھلي سبب نالا بند ھجڻ سبب پاڻي گھرن ۽ آفيسن ۾ ڪاھي پيو آھي جنھن سبب روز مرهه جي زندگي مفلوج ٿي وئي آھي برسات سبب ميھڙ جي سرڪاري آفيسن ۾ پاڻي بيھڻ سبب آفيسن جو ڪم ڪار شروع ناھي ٿي سگھيو ميھڙ جي روينيو آفيس، تعلقي اسپتال، مارڪيٽ ڪاميٽي جي آفيس، ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي آفيس سميت يونين ڪائونسلن جي آفيسن ۽ اڪثر سرڪاري آفيسون، تعليمي ادارا پاڻي ھيٺ آھن برسات سبب پاڻي بيھڻ ۽ ميونسپل عملي پاران تحرڪ نه وٺڻ سبب شھرين جي پريشانين ۾ اضافو ٿي ويو آهي شھرين گھر ڪئي آھي ته ميھڙ ۾ ميونسپل عملو تحرڪ وٺي برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.