ڪراچي(ڪامرس نيوز) انٽر بينڪ ۾ رپيو وري مهانگو ٿي ويو جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ به اگهه ۾ واڌ ٿي. ڪالهه ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن انٽر بينڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 69 پئسا مهانگو ٿيو ۽ ان جي نئين قيمت 288 رپيا 50 پئسا ٿي وئي، جمعي تي ڊالر 286 رپيا 81 پئسن جو هو. گذريل هفتي انٽربينڪ ۾ ڊالر 9 رپيا 22 پئسا مهانگو ٿيو هو. اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي 2 رپيا مهانگو ٿيو. نئين قيمت 294 رپيا ٿي وئي.