ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ 600 رپيا تولو واڌ ٿي وئي. رپورٽن موجب ڪالهه ڪراچي جي سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ واڌ نظر آئي. في تولي جي قيمت 600 رپيا وڌي وئي. هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 2 لک 24 هزار 700 رپين جو هو جيڪو ڪالهه وڌي 2 لک 25 هزار 300 رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته چاندي جي قيمت 2900 رپيا في تولو برقرار رهي. 10 گرام سون جي قيمت وڌي هڪ لک 93 هزار 158 روپيا ٿي وئي. ڪالهه عالمي مارڪيٽ ۾ به سون مهانگو ٿيو. عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 3 ڊالر واڌ ٿي وئي. سون جي نئين عالمي قيمت هڪ هزار 965 ڊالر في اونس ٿي وئي.