نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ڀارتي حڪومت ۽ مائڪرو بلاگنگ پليٽ فارم ٽوئيٽر ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو.ڀارت جي ٽيڪنالاجي واري وزير شنڪر پرساد ٽوئيٽر تي مقامي قانونن جي ڀڃڪڙي جو الزام هڻندي چيو آهي ته ٽوئيٽر ڄاڻي واڻي مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو آهي ۽ پاڻ کي اظهار جي آزادي جو علمبردار ٻڌائي ڪنهن پرڏيهي قوت کي ڀارتي قانونن جي ڀڃڪڙي جي اجازت نه ڏني ويندي.