ڀارتي اداڪاره ڪنگنا رناوت به ڪورونا ۾ وٺجي وئي

0
552
اڪثر فلمي هستيون ڊارڪ ويب استعمال ڪن ٿيون: ڪنگنا رناوت
اڪثر فلمي هستيون ڊارڪ ويب استعمال ڪن ٿيون: ڪنگنا رناوت

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره ڪنگنا رناوت به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي، ڀارتي حڪومت جي خلاف تڪراري بيانن جي ڪري ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪاره جو ٽوئٽر اڪائونٽ معطل ڪيو ويو هو، جهن کانپوءِ هو انسٽا گرام تي ڪافي سرگرم نظر اچي رهي هئي، ڪنگنا انسٽا گرام تي پنهنجي يوگا ڪندي تصوير شيئر ڪئي ۽ مداحن کي ٻڌايو ته هن جو ڪرونا ٽيسٽ مثبت اچي چڪو آهي، هن لکيو ته ڪجهه ڏينهن کان ٿڪاوٽ ۽ اکين ۾ ساڙ محسوس ڪري رهي هئس، گذريل ڏهاڙي ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو جنهن جي رپورٽ اڄ آئي آهي.