خوراڪ کاتي شڪارپور ۾ مبينا ڪرپشن، سکر عدالت ۾ ريفرنس داخل

0
341

سکر (بيورو رپورٽ) خوراڪ کاتي شڪارپور ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن واري مامري ۾ نيب سکر جوابدارن جي خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس ۾ داخل ڪري ڇڏيو، نيب طرفان اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر سوڌو پنج جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو، جوابدارن ۾ اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽرفوڊ رفيق راڄپر، اڳوڻي ڊي ايف سي اشرف ڪيريو، فلور مالڪ حسين، خير محمد ۽ محمد رفيق شامل آهن، نيب طرفان جوابدارن جي خلاف 9 ڪروڙ جو ريفرنس جو داخل ڪيو ويوجنهن ۾ سرڪاري ڪڻڪ جي خريداري ۾ گهوٻين جو الزام آهي، جوابدارن خلاف جاچ مڪمل ٿيڻ تي ريفرنس داخل ڪيو ويو، عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي 26 مئي مقرر ڪري ڇڏي..