سنجهورو: يوٽيلٽي اسٽور ۾ عوام لاءِ ايندڙ سامان آفيسرن حوالي

0
305

سنجھورو (ن پ ا) يوٽيلٽي اسٽور ۾ عوام لاءِ ايندڙ سامان آفيسرن جي حوالي ٿيڻ لڳو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطارن ۾ بيهي انتظار ڪرڻ باوجود عام شهري سامان وٺڻ کان محروم بڻجي ويا، يوٽيلٽي اسٽور جي انچارج عبدالجبار ڪلوئي ۽ اسٽور جي ملازم چيڪو کوکر جو ويڊيو ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته اي سي سنجهورو ۽ ڊسٽرڪٽ پرائس ڪنٽرول آفيسر لاءِ يوٽيلٽي اسٽور مان کنڊ، چانور، گيهه، چانهه ۽ ٻيو سامان جو پيڪيج تيار ڪندا آھيون، ٽائيم نيوز کي هٿ آيل ويڊيو ۾ صاف ڏسي سگهجي ٿو ته يوٽيلٽي اسٽور آڏو ماڻهو گرمي ۾ سامان وٺڻ لاءِ قطارن ۾ بيٺل آھن ته ٻئي طرف يوٽليٽي اسٽور جو ملازم چيڪو کوکر اسٽور جي گودام مان سامان جا بنڊل کڻي اچي ٿو ، صحافين جي پڇڻ تي ويڊيو ۾ ٻڌائي ٿو ته هي مال اي سي صاحب جو آھي، ٻئي طرف اي سي سنجهورو عبدالڪريم سنگراسي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي ان معاملي بابت ڪا به خبر ڪونهي ۽ نه ئي مون يوٽيلٽي اسٽور جي انچارج کي ڪو پيڪيج تيار ڪرڻ لاءِ چيو آھي، جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽور مان سامان خاص طور تي کنڊ ۽ گيهه مختلف ڪريانه دڪانن تي وڪڻڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آھي …..