پنهنجو مثال مثال سوچي ڏيندا ڪيو

0
118
پنهنجو مثال مثال سوچي ڏيندا ڪيو

همراھه هڪ بينڪ ويو ٻي بينڪ جو چيڪ کڻي، اتي ويٺل آفيسر کان پڇيائين گهڻن ڏينهن ۾ پئسا اڪائونٽ ۾ اچي ويندا؟

آفيسر چيس ڪجھه ڏينهن لڳندا

همراھ چيس توهان جي بينڪ سامهون بينڪ آهي ڪجھه ڏينهن ڇو؟

آفيسر چيس ڪجھه قائدا قانون آهن انڪري

نيٺ همراهه ڪاوڙجي پيو، ڳالھ سمجھه ۾ ڪون آيس

بنئڪ واري چيس مثال ٻڌ توهان جو حادثو ٿي پوي قبرستان اڳيان ته پوءِ پهرين توهان کي اسپتال کڻائي ويندا پوءِ گهر کڻي ايندا وهنجاري ڪفن ڏيئي پوءِ قبرستان کڻي ايندا يا اتي جو اتي پوري ڇڏيندا؟

 همراھ کان پڇيائين هاڻي ڳالھه سمجھه ۾ آئي قاعدن ۽ قانون جي ؟

همراھه چيس ڳالھه ته سمجھه ۾ آئي باقي لعنت اٿئي اهڙو مثال ڏيڻ تي…. ( فيس بوڪ وال تان ورتل)