سنڌ ۾ 26 موبائل اسپتالون آهن؟

0
112
سنڌ ۾ 26 موبائل اسپتالون آهن؟

   ڇا توهان کي خبر آهي ته سنڌ ۾ 26 موبائل اسپتالون به آهن؟ اهي اسپتالون سنڌ جي ڏورانهن ڳوٺن جي بي پهچ عوام کي طبي سهولتون ڏيڻ لاءِ  ڪاغذن ۾ هلي رهيون آهن. پر اصل ۾ هڪ به موبائل اسپتال هلي نه رهي آهي. سنڌ جي هر هڪ موبائل اسپتال ۾ ايڪسري يونٽ، الٽراسائونڊ مشين، اي سي جي، ليبارٽري، انڪيوبيٽر ۽ ميموگرافي جي سهولت موجود آهي. پر ڪا به سهولت ڏورانهن ڳوٺن تائين پهچي نه سگهي آهي. سڀ جون سڀ موبائل اسپتالون مختلف اسپتالن ۾ بيهاريون ويون آهن جتي  اسپتالن کي ڳوٺن ڏانهن کڻي ويندڙ گاڏيون خراب ٿي رهيون آهن. ان  کي چئبو آهي ڀوتار سرڪار. ان کي چئبو آهي نااهل، نالائق ، ناڪاره سرڪار. ان کي چئبو آهي، ڪنهن نه ڪم جي سرڪار. (فيس بوڪ وال تان ورتل)