ملڪي ٽرانسپرنسي سروي رپورٽ ۽ حڪومت!

 ملڪي صورتحال ڪهڙي پاسي وڃي رهي آهي، ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي سروي رپورٽ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته گذريل ڏينهن ڪرپشن جي روڪٿام جو علام ڏينهن هو، ان کان هڪ ڏينهن اڳ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنڪ جيڪا سروي رپورٽ جاري ڪئي آهي اها انتهائي ڇرڪائيندڙ آهي ته هن ملڪ جي عوام جو مستقبل ڇا هوندو؟ رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪرپشن پوليس کاتي ۾ آهي، رپورٽ جي ڳالهه عر سان پڙهجو، حقيقت سامهون اچي ويندي، جڏهن ته انهيءَ ڪرپشن ۾ ٻئي نمبر تي عدالتون اچي ويون آهن. ان رپورٽ ملڪ جي مختلف علائقن مان پي ٽي آءِ، حڪومت ۾ مهانگائيءَ بابت ماڻهن جي راءِ به ورتي وئي آهي جن ۾ 90 سيڪڙو ماڻهن جو خيال آهي ته مهانگائي ملڪ ۾ بلند ترين سطح تي پهتل آهي جڏهن ته 82 سيڪڙو ماڻهن جي راءِ آهي ته ملڪ جي آمدني گھٽجي وئي آهي. ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي آيل سروي رپورٽ کان پوءِ عام ماڻهو پاڻ مرادو ئي سمجھي سگھي ٿو ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪا پوليس عوام سان زيادتيون، ظلم ناانصافيون ڪري ٿي عدليا به ان ۾ شامل هجي ٿي، ڇو جو انهن جو پاڻ ۾ ويجھو ڳانڍاپو رهيو آهي، موجوده وفاقي حڪومت جيڪي نعرا کڻي اقتدار ۾ آئي هئي ان جي حڪمت عملي وري پنهنجن واعدن اقرارن جي ابتڙ آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جو وڏي ۾ وڏو نعرو انصاف ئي هو پر اڄ تائين هن ملڪ جي ماڻهن کي انصاف نه ملي سگھيو آهي يا اسان ايئن کڻي سمجھون ته ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي سروي رپورٽ هن حڪومت جي ابتڙ آهي، ملڪ ٺيڪ نموني سان هلي رهيو آهي هر ماڻهوءَ کي انصاف پيو ملي، سمورو نظام بهتر آهي، تنهن ڪري حڪومت کي گھرجي ته انهن ڳالهين تي نظرثاني ڪري ۽ حڪومت کي ٽرانسپرنسي جي ان سروي رپورٽ کي آڏو رکي پنهنجي خود احتسابي ڪرڻ گھرجي.

غلام رحيم جوڻيجو، موکار/مٺي

جوھي تنھنجا مياري آھيون!

  ترقي يافتا ملڪ ھميشه پنهنجن شھرن کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ فڪرمند رهندا آهن ته پنهنجن شھرن کي خوبصورت ڪيئن بڻائجي، جيئن اسان جي شھر جو نالو سهڻن شھرن ۾اچي پر اسان جي ملڪ ۽ شھرن جو نظام ئي ابتو آهي، منهنجي تجربي جي حساب سان ھر اداري جي لاءِ فنڊ جو حساب مقرر ٿيل آهي، ايئن ئي جوھي سول اسپتال ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي لاءِ وڏي رقم مقرر ٿيل ھوندي آھي، جن ادارن لاءِ فنڊ مقرر آهن انھن ادارن جو حال بيحال ھجي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ ھونئن ته جوھي ۾ تمام گھڻا مسئلا آهن پر اهي ڏينهون وڌي رهيا آهن پيا وڃن ته پوءِ ڇا ڪجي؟ سول اسپتال جوھي، نادرا، عوام جي تحفظ لاءِ پوليس ۽ ٽائون جي دلچسپي نه ھجڻ ڪري پورو جوھي شھر ۾ ڪيترن ئي مسئلن جنم ورتو آهي، اڻ اعلانيل بجلي جي لوڊشيڊنگ، صفائي جو ڪم نه ٿيڻ. امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال، فرلٽ جو آزار، هٿرادو مهانگائي وغيره اھم مسئلا آهن. ٻيو مسئلو ته گٽرن جو پاڻي پوري شهر جي گھٽين چونڪ تي موجود رھي ٿو ۽ خراب پاڻي تاريخي قبرستانن ۾ داخل ٿي وڃي ٿو، ھر ايندڙ ويندڙ جا ڪپڙا خراب ٿين ٿا ۽ ڪير صفائي ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. جوھي ميونسپل ڪاميٽي جوھي ۾ 300 کان وڌيڪ پگھاردار ٻڌايا وڃن ٿا پر ڪم جو معيار زيرو آهي. ڏاڍي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جوھي شھر گندگي جي آزار مان نه نڪري سگھيو آهي ۽ مختلف ھنڌن تي ڪچهري جا ڍير لڳي ويا آهن، اسڪول ۽ مسجدن جي رستن تي گند ڪچهري جا ڍير لڳل آهن، ٻارڙن، ۽ نمازين کي سخت پريشانين سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. جوھي کي ھر سھولت ميسر ھئي پر سرڪار جي بيڌياني سبب سڀ ڪجهه برباد ٿيل آهي، ڪير به ڳالھائڻ جي ھمت نٿو ڪري، جي ڪير مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿو ته ان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ٿيون وڃن، جوھي ۾ ھن وقت تباھي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.

مجيد بلوچ/جوهي

دل جي دوري سبب وڌندڙ موت ۽ خطري جي گھنٽي!‎‎

  پوري دنيا ۾ ھن وقت روزانو لڳ ڀڳ 2380 ماڻھن جو موت دل جي دوري پوڻ سبب ٿئي ٿو، عالمي صحت جي رينڪنگ موجب دل جي بيمارين جي موت سبب پاڪستان دنيا جي 183 ملڪن مان 18 نمبر تي آھي، دل جي عالمي ڏينھن تي ھڪ ڪانفرنس ۾ پاڪستان انسٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس جي چيئرمين ڊاڪٽر نعيم ملڪ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ھر ڪلاڪ تي 47 ماڻھن جو موت دل جي دوري پوڻ سبب ٿئي ٿو. دل جي ماھرن موجب دل جي بيمارين جو بنيادي سبب شگر، بلڊ پريشر، سگريٽ ڇڪڻ ۽ ورزش نه ڪرڻ آھي. ھڪ گلوبل رپورٽ موجب دنيا ۾ ھر سال 17 لک ماڻھن جو موت دل جي دوري پوڻ سبب واقع ٿيندو آھي ۽ پاڪستان ۾ 19  سيڪڙو موت دل جي دوري پوڻ سبب ٿيندا آھن، جيڪي ھن وقت وڌي 29 سيڪڙو تائين پھچي چڪا آھن، ان بابت ميڊيڪل ماھرن کي پنھنجي ريسرچ پيپر جو حصو بڻائي فوري تحقيق ڪرڻ گھرجي ته ان بيماري جي وڌڻ جا ڪھڙا سبب آھن، جيڪا ھر سال تيزيءَ سان وڌندي پئي وڃي، دل جي بيمارين جي مفت علاج لاءِ پوري سنڌ اندر اين آءِ سي وي ڊي جھڙي عاليشان اداري جو سنڌ جي ھر ضلعي ۾ سيٽلائيٽ سينٽرن جي قائم ڪرڻ تي سنڌ حڪومت پوري دنيا ۾ داد حاصل ڪري رھي آھي، ڇاڪاڻ ته اين آءِ سي وي ڊي ايشيا جو پھريون ۽ سڀ کان وڏو فليگ شپ ادارو آھي. حڪومت سنڌ ۽ پاڪستان کي گھرجي ته مفت علاج لاءِ عاليشان ميڊيڪل ادارا جوڙڻ سان گڏوگڏ ان موذي بيماري لاءِ عوام ۾ سماجي جاڳرتا مھم ذريعي ان کان بچڻ لاءِ ڄاڻ فراھم ڪري.

امداد جمالي/يونيورسٽي آف فلورينس اٽلي

وفاق جو سنڌ سان سلوڪ ڪڏهن بھتر ٿيندو؟

  جيتوڻيڪ سنڌ پاڪستان جو خالق صوبو ھئڻ جي حيثيت رکي ٿو، سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ ملڪ جو ڪمائو صوبو آهي، ان باوجود وفاق پاران سنڌ سان سدائين ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي، وفاق ۾ چاهي اقتدار ۾ ڪھڙي به جماعت ھجي، حڪمران چاهي ڪير به ھجي پر انهن سمورن وفاق ۾ ويٺل حڪمرانن جي ھر دور حڪومت ۾ ڪنهن جو به سنڌ سان رويو ڪو چڱو ناھي رهيو. ڪڏهن ڪھڙو تڪراري معاملو ته ڪڏهن وري ڪھڙو، مطلب ڪنهن نه ڪنهن بھاني سان وفاق ۾ ويٺل اقتدار جا واڳ ڌڻي سنڌ جي عوام کي چڙ ڏيارڻ وارا بيان جاري ڪري سنڌ جي عوام جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪيندا رهندا آهن، اڳ ۾ ھر روز ڪالاباغ ڊيم جو راڳ آلاپي سنڌوءَ جي پاڻي تي قبضو  ڪرڻ بهاني سنڌ جي عوام کي پاڻي لاءِ تڙپائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي پر پنجاب کان سواءِ  ملڪ جي ٽنھي صوبن جي قانونساز صوبائي اسيمبلين ڪالاباغ ڊيم جي منصوبي کي رد ڪيو آهي. ته ھاڻ وري سنڌ جي ڏنڱي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي نوان شھر اڏڻ ۽ ترقي جي آڙ ۾ قبضو  ڪرڻ جا سانباھ  ڪيا پيا وڃن، جنهن جو اظهار وفاقي حڪومت وقفي وقفي سان ڪندي رهي ٿي، جڏهن ته سنڌ حڪومت جي وفاقي سرڪار کي سنڌ جا ٻيٽ نه ڏيڻ واري فيصلي باوجود اڃا تائين وفاقي حڪومت جي اک ۾ اھي سنڌ جا ٻيٽ ڪنڊو بڻيل آهن. وفاقي سرڪار ھر صورت ۾ انهن ٻيٽن تي نوان شھر اڏڻ ٿي چاهي. دراصل سنڌ جا ماڻهو ڪھڙي به رخ کان ترقي جا ته مخالف ناهن پر ترقي جي آڙ ۾ سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به پنهنجي ٻيٽن، معدني وسيلن وغيره تي ڪنهن کي به قابض ٿيڻ جي اجازت ھرگز نه ڏيندا. تنھن ڪري وفاقي سرڪار کي جيڪڏهن واقعي سنڌ جي عوام جو ڪو الڪو آهي ته پوءِ وفاقي سرڪار سنڌ جي ماڻھن کي بنيادي سھولتون فراھم ڪرڻ لاءِ ڪنهن پيڪيج جو اعلان ڪري، جنهن سان سنڌ جو غريب عوام فائدو وٺي سگهي، باقي وفاقي سرڪار کي به اھڙن دل آزاريندڙ بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي ۽ وفاق کي ملڪ ۾ خاندان جي وڏي جي حيثيت وارو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

رولو ڪتن جي آزار ۾ ڦاٿل نيوڇور واسي!

  نيوڇور شهر جي مختلف پاڙن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، هڪ ئي ڏينهن ۾ نيوڇور جي مختلف پاڙن ۾ رولو ڇتن ڪتي پنج ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو آهي، نيوڇور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ خوف ڇانيل آهي پر اڃا تائين اهو رولو ڪتو ماريو ناهي ويو، آخر هن عوام جي سار ڪير ۽ ڪڏهن لهندو؟ رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ جي خبر باھ جيان نيوڇور ۽ ان جي ڀرپاسي ڦهلجي وئي ته ماڻهن پنهنجي معصوم ٻارڙن جو اسڪول مدرسي ۽ ٽيوشن سينٽر ڏانهن وڃڻ بند ڪري ڇڏيو، بدقسمتي اها آهي ته نيوڇور جي اسپتال ۾ سهولتون ناهن، هونئن به ڪا شيءِ ناهي پر ڇتي ڪتي واري ويڪسين به موجود ناهي. وئڪسين لاءِ نيوڇور ۽ ڀرپاسي جا ماڻهو عمرڪوٽ وڃن ٿا، يوسي انتظاميا به اڃا تائين ڪو به قدم ناهي کنيو. رولو ڪتا نيوڇور ۽ ڀرپاسي واري ڳوٺن ۾ گھمندا وتن پيا، ماڻهو خوف ۾ ورتل آهن، مسجدن، مندرن ۽ اسڪولن درگاھ وغيرن تي اچ وڃ گهٽجي وئي آهي. آخر هن ويل مان نيوڇور ۽ ان جي چوڌاري جي علائقي واسين جي ڪڏهن جان ڇٽندي؟ ڪڏهن يوسي انتظاميا ۽ ضلعي انتظاميا انهن رولو ڪتن کي مارائيندي؟ ڪڏهن ڊي ايڇ او نيوڇور واري اسپتال ۾ ڇتي ڪتي جي ڏاڙھڻ واري ويڪسين پهچائيندو؟ انهن انيڪ سوالن جا جوب نيوڇور واسي ڳولڻ لاءِ هن وقت پريشان آهن، انتظاميا کي گهرجي ته جلد کان جلد رولو ڪتا مارائي نيوڇور واسين کي هن جنجال مان آزاد ڪيو وڃي.

ڪاشف جوکيو/نيوڇور

حيدرآباد باءِ پاس

جا بلڊر ۽ ڊمپر!‎‎

  حيدرآباد باءِ پاس جي ٻنهي پاسن کان اندازي موجب 24 رھائشي اسڪيمون اڏات هيٺ آهن، جن جي تعميراتي سامان لاءِ ڊمپر استعمال ڪيا پيا وڃن، جيڪي روزانون سون جي تعداد ۾ باءِ پاس تان چڪر پيا ڪاٽين، جن جي ڪري حيدرآباد باءِ پاس تان گذرندڙ قومي سطح جي ٽريفڪ جيڪا لکين رپيا ٽئڪس ڀري ٿي ان جي اچ وڃ ۾ ھي بلڊرن جا ڊمپر وڏي خلل جو سبب پيا بڻجن، جيڪي ڪو به ٽيڪس نه پيا ڀرين، حيدرآباد باءِ پاس گذريل ڏھاڪو سالن کان انهن بلڊرن جي ڊمپرن جي استعمال سبب تباھ پيو ٿئي پر ڪنهن کي به ڪو فڪر ناهي نه نيشنل ھاءِ وي نه وري ضلعي انتظاميا کي ڪو فڪر آهي. سرڪاري روڊ رستا ماڻهن جي رحم ڪرم ٿي ڇڏي ڏنا ويا آهن. حيدرآباد باءِ پاس جي ڪنارن جي پچنگ ۽ حفاظتي بارڊر بلڪل تباھ ٿي چڪي آهي، جنهن جي ڪري باءِ پاس غير محفوظ ٿي پيو آهي. نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي ۽ ضلعي انتظاميا کي گھرجي ته فوري طور ان معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ بلڊر مافيا کي پابند بڻائي ته هو پنهنجي اسڪيمن جي سامهون لازمي طور سروس روڊ تعمير ڪن ۽ پنهنجي ڊمپرن کي ان سروس روڊ تي ھلائين ۽ باءِ پاس کي بنا ٽئڪس جي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن. ٻيو ته نيشنل ھاءِ وي اختيارين کي کپي ته باءِ پاس تي چڙھڻ لاءِ تمام غير قانوني ڪراس بند ڪري ۽ باءِ پاس کي قومي ٽريفڪ لاءِ محفوظ بڻائي، خاص طور تي رھائشي اسڪيمن جي سامهون باءِ پاس کي حفاظتي بارڊر لڳائي محفوظ بڻايو وڃي ته جيئن مقامي آبادي پنهنجو سروس روڊ تعمير ڪرائي ان تي اچ وڃ ڪري سگهن.

شبير کوکر/ قاسم آباد، حيدرآباد

پبلڪ لائبريري سجاول اڳيان حددخليون هٽايون وڃن!

  سجاول جي پبلڪ لائبريري اڳيان مختلف ماڻھن جو رڪشا ۽ موٽر سائيڪلون بيھارڻ معمول بڻجي ويو آهي، منع ڪرڻ تي لائبريري انچارج سان بدتميزي ۽ گارگند، انتظاميا ڪو تحرڪ نه ورتو، سجاول شھر ۾ علم و ادب جي مرڪز پبلڪ لائبريري سجاول ڪجھ بدمست ۽ اوباش قسم جي ماڻھن سبب شائقين علوم لاءِ ذھني اذيت بڻيل آهي. سجاول جي تاريخي ۽ قديمي حاجي عبدالعزيز مينڌرو پبلڪ لائبريري جي مين گيٽ جي اڳيان پنهنجون گاڏيون، موٽر سائيڪل ۽ رڪشا وغيره پارڪ ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ غائب ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي، لائبريري جي گيٽ اڳيان تنگ جاءِ تي گاڏيون وغيره پارڪ ٿيڻ سبب لائبريري کلڻ وقت سجاول شهر جي بزرگن، استادن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، صحافين، شاگردن ۽ ٻين شهرين کي مطالعو ڪرڻ لاءِ لائبريري ۾ داخل ٿيڻ ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي ٿو شهر ۽ آسپاس کان ايندڙ ماڻهو لائبريري جي مين گيٽ اڳيان جاءِ خالي ڏسي اتي پنهنجون گاڏيون وغيره پارڪ ڪري لائبريري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ رستو تنگ ڪريو ڇڏين، جنهن سب شهرين کي اندر داخل ٿيڻ ۾ سخت تڪليف پيش اچي ٿي. ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد اهي ماڻهو پنهنجيون گاڏيون ڪڍڻ ايندا آهن ته کين روز اهپ تاڪيد ڪندا آهيون ته هتي گاڏيون پارڪ نه ڪريو، هي شهرين جي آماجگاھ آهي، کين تڪليف ٿئي ٿي پر ان باوجود اهي ساڳيا ئي ماڻهو ٻئي ڏينهن ٻيهر گيٽ بند ڏسي گاڏيون پارڪ ڪري وڃن ٿا، هن قديمي لائبريري جو انتظام هڪ آئون اڪيلو سنڀاليان ٿو، تنهن ڪري مون کي لائبريري جي رڪارڊ ٺاهڻ وغيره سميت ڪيترائي ڪمڪار ڪرڻا هوندا آهن ۽ بار بار هنن لاغرض ماڻهن کي هتي گاڏيون وغيره پارڪ ڪرڻ کان روڪڻ ۾ سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. لائبريري جي انچارج ۽ مطالعو ڪرڻ لاءِ ايندڙ شهرين ايس ايس پي سجاول کي اپيل ڪندي چيو آهي ته لائبريري جي مين گيٽ اڳيان گاڏيون بيھارڻ وارن کي روڪڻ لاءِ ٽريفڪ پوليس کي پابند بڻايو وڃي ته هو هتي ڪنهن کي به گاڏيون پارڪ ڪرڻ نه ڏين ته جيئن شھري سولائيءَ سان لائبريري ۾ اچي مطالعو ڪري سگھن.

وفا بابو پٺاڻ/ سجاول

اسان پنهنجو رويو ڪڏهن سڌارينداسين؟

  ڪنهن  ڏاھي چيو آھي ته پاڻ کي سڌاريو، دنيا مان ھڪ برو شخص گھٽجي ويندو، سو اسان مان ھر شخص جيڪڏهن  پاڻ سڌري وڃي ته ھوند دنيا جنت بڻجي وڃي پر مسئلو اھو آهي ته اسان ٻين کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون، جڏھن ته اھا برائي اسان پاڻ ۾ ھوندي آهي. جتي ۽ جنهن کي ڳالھائڻ کپي اتي اھو نه ٿو ڳالھائي ۽ جتي جنهن کي ڳالھائڻ نه کپي اتي اھو ڳالھائي ٿو. اسان جيڪو عيب ٻين ۾ ڳولنيدا آھيون اھو عيب جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ ڳوليون ته ھوند تمام گھڻيصون برايون ختم ٿي وڃن. ڳالھائڻ ۾ نرم رويو رکون ۽ برداشت جو مادو اختيار ڪريون  ته پوءِ ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي.

امر کتري/ ٽنڊوباگو

گورنمينٽ پرائمري اسڪول محمد عثمان سولنگي ۾ ايڪتا جو رنگارنگ پروگرام!

  سنڌ سونھاري جي سٻاجھڙن سنڌين پاران پنھنجي ٻولي ۽ ثقافت جي اظھار خاطر ھر سال ڊسمبر مھيني جي ٿڌرين ھوائن جي ھڳاءَ ۾ ثقافتي ايڪتائي عيد يعني سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو وڏي زور ۽ شور سان ملھايو ويندو آھي، سنڌي ٻولي جي مشھور ۽ پوري سنڌ ۾ شوق سان ڏسجندڙ چينل ٽائيم نيوز ۽ سنڌ جي ناليواري اخبار “روزاني پنھنجي اخبار” جي محبوب سرواڻ محترم علي قاضي جنھن ھر سال جيان ھن سال به 5 ڊسمبر 2021 ع تي “سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو”  جي سري ھيٺ ڀرپور نموني ملھائڻ واري اعلان کان پوءِ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ثقافتي رنگ رونما ٿيڻ لڳا، اھڙو ئي خوبصورت رنگارنگ ايڪتا ثقافتي پروگرام تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي يوسي ڊينگاڻ ڀرڳڙي جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول محمد عثمان سولنگي ۾ ملھايو ويو، جنھن ۾ اسڪول جي ھيڊ ماستر ممتاز علي سولنگي، استاد روشن علي ۽ ٻين شاندار طريقي سان سجايو. جنھن دوران اسڪولي شاگردن ثقافتي لباس اجرڪ، ٽوپي اوڍي قومي گيت ۽ تقريرون پيش ڪيون. شاگردن  فياض، انس، ناصر، ساگر ڪولھي، جيوراج ۽ ٻين تقريرون پڻ ڪيون، ثقافتي پروگرام کي ھيد ماستر ممتاز سولنگي ۽ آيل مھمانن نور محمد مھر، پرويز سولنگي، شاگرد تنظيم جي اڳواڻ آفتاب سولنگي، جان محمد ڪنڀار، محمد عثمان سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان سنڌي پنھنجي ثقافت ۽ ٻولي سان محبت ڪريون ٿا، اسان ٿورائتا آھيون محترم علي قاضي صاحب جا جنھن اسان کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪيو.

آفتاب ممتاز سولنگي/ ڊينگاڻ ڀرڳڙي

زندان جي جھروڪن مان!

                 جيل ۽ جيل جي جهان کي ڏسڻ ۽ پسڻ کان پوءِ آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته قيدي نالي هي ذات جيڪا منهنجي آسپاس رهي ٿي اهو مظلوم ماڻهن جو اهڙو گروهه آهي جن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏيڻ ۽ کين انصاف جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ معاشري جي سڀني بااختيار طبقي ۽ باشعور ماڻهن جي گڏيل ذميواري آهي، ڇو جو جيل ۾ رهندي مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي ته جيل ۾ قيد قيدين جي اڪثريت بي گناهه هوندي آهي، جيڪي هن طبقاتي نظام واري سماج جي ريتن، رسمن، روين ۽ ظلمن جو شڪار بڻجي جيلن تائين پهچي ويا آهن، ڪجھه ڏينهن اڳ جيل ۾ تازو بدلي ٿي آيل جيل سپرنٽينڊنٽ سائين ڪريم عباسي صاحب ساهي اداري جي ڪلاس ۾ ليگ ايڊ جي ليڪچر پروگرام کان پوءِ خطاب ڪندي چيو هو ته قيدي جيل ۾ هر گناهه کان پاڪ ۽ بچيل هوندا آهن ۽ مون تي اها ذميواري آهي ته قيدين جو آئون خيال رکان، ان لاءِ منهنجي ڪوشش هوندي ته قيدين جي ماني ٽڪي، علاج معالجي وارين سهولتن کي بهتر ۽ يقيني بڻايان ۽ هن ان مقصد کي پنهنجي پهرين اوليت قرار ڏنو هو. سائين سڄي سنڌ شاهد آهي ته اوهان نيڪ ۽ ايماندار آفيسر آهيو، هتي پهچڻ کان پوءِ اوهان قيدين جي ماني ٽڪي جي بهتري ۽ علاج معالجي جا جيڪي قدم کنيا آهن ان تي اسين قيدي اوهان جا ٿورائتا آهيون، پر سائين اسان قيدين جا ڪجھه ٻيا به وڏا مسئلا آهن جيڪي اوهان جي ڌيان جي تقاضا ڪن ٿا هڪ ته غريب قيدين جي اڪثريت وٽ وڪيل نه هجڻ ٻيو سزا کان پوءِ اپيل جي تاريخ نه ڪرن، ٽيون ڏنڊ جي رقم نه هجڻ سبب آزاد نه ٿيڻ جھڙا ڪيترائي مسئلا آهن، جن تي جيڪڏهن اوهان غور ڪري ڪو حل ڪڍندا ته جيل جي سڀني غريب قيدين تي اوهان جا احسان ٿيندا.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

عورت چئجي جنهن کي! جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

(قسط ٻين)

پراڻي وقتن ۾  جڏهن قبيلن ۾ جنگيون ۽ جھيڙا ٿيندا هئا ۽ ان کان پوءِ راضي نامي ۽ دوستي جا معاهدا ٿيندا هئا ته ان ۾ به شادي ۽ ڪاج جي ذريعي لاڳاپن کي بهتر ڪيو ويندو هو، مثلن آسٽريليا جي قديمي ماڻهن ۾ اهو رواجو هو ته هو مخالف ڌر سان دوستيءَ جي لاءِ پنهنجون عورتون انهن ڏي روانيون ڪندا هئا، پوءِ انهن انگريزن سان به ياري لاءِ پنهنجو عورتون استعمال ڪيون ۽ اهڙيءَ ريت مردن ان جا مادي فائدا حاصل ڪيا. ااسڪيمو قبيلن ۾ به ذالون مٽائڻ جو رواج هو ۽ ان جي ذريعي ئي هو ٻين قبيلن سان  لاڳاپا قائم ڪندا هئا ۽ دشمن کي ختم ڪند اهئا، ان پوري عمل ۾ عورت کي پنهنجي مرضي هلائڻ جو ڪٿي به ڪو حق حاصل نه هوندو هو ۽ ان کي مڙس يا مرد جو حڪم مڃڻو پوندو هو، ان سان اها ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي ته غير طبقاتي معاشن ۾ به عورت جو درجو برابريءَ وارو نه هو، جيئن ته آسٽريلوي قبيلا ۽ اسڪيمو جي مثالن ۾ ظاهر ٿئي ٿو. اهو ضحيح آهي ته غير مساوي درجه بندي، ذاتي جائداد ۽ ملڪيت کان پوءِ پيدا ٿي جنهن ۾ جانشينن جي ضرورت پوندي هئي پر قبيلائي دور ۾ عورت کي مرد پنهنجي ملڪيت سمجھندا هئا ۽ ان کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪندا هئا. مردن پنهنجي عزت، تخت ۽ تاج بچائڻ لاءِ پنهنجي عورتن کي قربان پي ڪيو آهي، مثال طور باب جڏهن سمرقند ۾ هو ته ان جي جاني دشمن شيباني خان سمرقند جو محاصرو ڪري ورتو ۽ هاڻ بابر لاءِ ڪا به واهه ۽ راهه فرار نه بچي ته پوءِ بابر پنهنجي ڀيڻ خانزادي بيگم کي شادي لاءِ شيباڻي جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ اُتا فرار ٿي ويو. مون جيل ۾ اهڙا اڪثر قيدي به ڏٺا آهن جيڪي خون جي سزا کان بچڻ لاءِ سنڱ چٽي پنهنجي نياڻي ۽ ڀيڻ وغيره ڏئي آزاد ٿيا آهن. اهڙو هڪ مثال مشتاق لاکير جو به آهي جيڪو 2014ع ۾ نارا جيل مان پنهنجي ڀيڻ جو سنڱ چٽيءَ ۾ ڏئي آزاد ٿيو هو ۽ ان ڇوڪريءَ پوءِ آپگھات ڪري ڇڏيو هو.(جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد