پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اي سي پي جي اختيارن تي حملي برابر آهي: شهباز شريف

0
57
شهباز شريف کي ڪراچي مان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ملي وئي
شهباز شريف کي ڪراچي مان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ملي وئي

اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اي سي پي جي اختيارن تي حملي برابر آهي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف حقيقت تي ٻڌل فيصلو ڏنو هو

اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ۾ نواز ليگ سنڌ جي اڳواڻن کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو آهي ته هڪ صوبي جي عدالت سموري ملڪ جي معاملي تي فيصلو ڪيئن ڏئي سگهي ٿي؟

هن چيو ته ڪي پي ۾ اهڙا به ماڻهو چونڊ وڙهي رهيا آهن، جِن جي فيصلو ڏيندڙ جج سان مٽي مائٽي آهي، جج کي گهرجي ها ته مٽي مائٽي جي بنياد تي بئنچ کان ڌار ٿي وڃي ها، عوام عدليه مان انصاف تي ٻڌل فيصلن جي اُميد رکي ٿو

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته لاڏلو اُهو آهي جنهن کي عدالت ۾ “گُڊ ٽـُو سـِي يـُو” چيو ويندو آهي، 9 مئي جي بغاوت ۾ ملوث لاڏلي کي جهڙي نموني سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون، اها اسان لاءِ فڪر جي ڳالهه آهي

هن چيو ته ملڪ ۾ موجود ليگل ايگلز کي اهو اشو اٿارڻ گهرجي ته صوبائي عدالت قومي مسئلي تي فيصلو ڪيئن ڏئي سگهي ٿي؟ شهباز شريف ڪراچي پهتو ته نواز ليگ ڪارڪنن آجيان ڪئي، شهباز شريف قافلي جي صورت ۾ ايئرپورٽ کان نجي هوٽل پهتو