پرڏيهه ڏانهن پنڌ سان نوجوانن جي حياتي بدلجندي؟

0
574
پرڏيهه ڏانهن پنڌ سان نوجوانن جي حياتي بدلجندي؟

 اڪثر اهو چيو ويندو آهي ته هجرت ۾ بهتري آهي! جڏهن اوهان تي روزي تنگ ٿئي يا زندگي  جتي مشڪل بڻجي پوي ته اتان لڏپلاڻ ڪجي ۽ ڪنهن محفوظ يا خوشحال ملڪ ۾ وڃي ديرو ڄمائجي، پر لطيف سرڪار جو وري درس آهي ته

سڃو سو ساڻيهه، ته به ونيهان وترو،

گهوريو سو پرڏيهه، توڙي ڦلن ڇانيو.

مطلب ته جي وطن صفا ڏڪارجي وڃي ته به اهو ڌارئي وطن کان سوين ڀيرا بهتر آهي. ڀڳت ڪبير به چوي ٿو ته،

ڪال ڀيو، پتو سوکو، هنس ڪهين نا جائي،

پڇلي پريت ڪارڻئي، ڪنڪر چن چن کائي.

معنيٰ هنج پکي، جنهن ماڳ سان محبت ڪندو آهي، اتي جيڪڏهن ڏڪار اچي وڃي، ڪو سائو پن به نه بچي، تڏهن به اهو هنج پنهنجي ماڳ سان پراڻي محبت خاطر اتي پٿريون ويهي چڳندو آهي، پر پنهنجي ماڳ کي ڪونه ڇڏيندو آهي. دانائي، حڪمت ۽ ڏاهپ ڪنهن جي ڏس ۾ آهي؟ انهن هجرت جي همٿائيندڙن جي ۾ يا ڀڳت ڪبير ۽ لطيف جي حب الوطني جي درس ۾؟ انهيءَ تي ضرور اسان کي اڄ جي حالتن ۾ غور ڪرڻ گهرجي. جيتوڻيڪ وطن سان محبت کي ايمان جو جز به سڏيو ويو آهي، پر تنهن هوندي به ڪن حالتن ۾ هجرت کي وقتي طور پنهنجي خوشحالي ۽ ڪاميابي، بقا يا مضبوطي لاءِ اهم سمجهيو ويو آهي.

انهيءَ سموري نقطي تي نظر وجهڻ جو اصل مقصد موجوده وقت پاڪستان مان ذهين ۽ هنر مند نوجوان جو لکن جي تعداد ۾ لڏپلاڻ ڪرڻ وارو عمل آهي. هڪ رپورٽ مطابق، هن سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ پاڪستان منجهان چار لک باصلاحيت ۽ اعليٰ تعليم يافتا نوجوانن لڏپلاڻ ڪري دنيا جا ٻيا ملڪ وڃي وسايا آهن. پاڪستان جي خراب معاشي صورتحال، ڪرپشن، خراب حڪمراني ۽ غير مستحڪم سياسي صورتحال جي سبب گذريل پنجن سالن ۾ پاڪستان منجهان ۳۰ لکن جي لڳ ڀڳ نوجوان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن. موجوده پي ڊي ايم جي حڪومت واري مدي ۾ رڳو ۱۲ لکن کان مٿي نوجوان ملڪ ڇڏي چڪا آهن. تفصيل انهيءَ رپورٽ جا ته انتهائي گهڻا آهن، جن ۾ هر هڪ ملڪ ڇڏيندڙ جي پيشي، مهارت ۽ جنهن ملڪ ڏانهن روانو ٿيو آهي، اهي پڻ شامل آهن. جيڪڏهن ملڪ جي بهتر مستقبل جو ڪنهن کي ڪو فڪر آهي ته اهو انهن انگن اکرن کي تفصيل سان نيٽ تان جاچي سگهي ٿو، پر خيرن سان ڪنهن به ملڪ جي سرڪاري اداري يا حڪمرانن کي انهيءَ تي ڪا شايد ئي ڳڻتي هجي، جو هو انهن انگن اکرن تي غور فڪر ڪرڻ جي ڪا زحمت ڪندا هجن. ويتر ممڪن آهي ته موجوده حالتن ۾ مٽا سٽا جي ناڻي ۾ ڊالرن جي کوٽ ۾ انهيءَ لڏپلاڻ ڪرڻ واري عمل کي بهتر سمجهندا هجن ته اهي نوجوان ٻاهرين ملڪ وڃي لکين ڊالر ماهوار ڪمائي پاڪستان پيا موڪليندا!

هن وقت پاڪستان جي آبادي جو۶۴  سيڪڙو نوجوان آهن. معاشيات جي سائنس جي مطابق ته نوجوان عمر جي گهڻائي وارو تعداد ڪنهن به ملڪ جو هڪ وڏو سرمايو هجن ٿا، جنهن کي هيومن ڪيپٽل چئبو آهي. جڏهن ڪنهن وٽ ڪو سرمايو هجي ته اهو فرد پنهنجي سرمائي کي ڪنهن بهتر هنڌ تي سيڙائي انهيءَ مان وڌيڪ منافعو حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي ۽ اڄ جي جديد دور ۾ جتي جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پنهنجي نوجوانن جي لاءِ ڪاروبار جا ۽ روزگار جا وسيلا پيدا ڪري سگهجن ٿا، اتي پاڪستان‌ ۾ نوجوانن کي پنهنجو مستقبل اونداهو نظر پيو اچي، جنهن ڪري هو ملڪ کان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. پاڪستان جي اندر اهليت جي عزت نه هجڻ، ڪرپشن ۽ اقربا پروري جي ڪري سرڪاري ادارن ۾ خود اڪثر هيٺين سطح جي ذهني قابليت وارا جاءِ والاريندا پيا وڃن. جنهن اداري ۾ اوهان ويندا، اتي اوهان کي ويٺل فرد ايترو قابل نه ملندو، جيڪا قابليت انهيءَ ساڳئي ڪرسي تي ستر يا اسي جي ڏهاڪي ۾ ويٺل اهل ۽ قابل فرد وٽ هئي. قابليت جي لتاڙ ۽ سرڪاري ادارن کي، انهن جي نظام کي پاڪستان جي حڪمرانن طرفان تباهه ڪرڻ وارو داستان ڪنهن کان به لڪل ڪونهي. سرڪاري ادارن جي تباهي ۾ سڀ کان وڏي تباهي خود ملڪ جي ڪار وهنوار ۽ نظام جي تباهي جو مثال ڪافي آهي. هن وقت جيڪا ملڪ جي معاشي صورتحال آهي، انهيءَ ۾ ايندڙ ٻن ڏهاڪن تائين ڪٿي به نظر ڪونه پيو اچي ته ڪا صورتحال بهتر ٿيندي. خزاني جو خالي هجڻ، دوست ملڪن کان خرچ نه ڪري سگهڻ جي  شرط تي سيڪيورٽي طور اربين ڊالر بئنڪ ۾ رکي عالمي مالياتي ادارن کان قرض حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر انهن جو شرط قبول ڪرڻ هڪ واضح اشارو آهي ته انهن قرضن جي ادائگي تائين ۽ نئين ڪنهن سيڙپڪاري تائين ملڪ جي معاشي صورتحال ڪا بهتر ڪونه ٿي سگهندي.

پاڪستان جا ظاهري حڪمران توڙي نه نظر ايندڙ اصلي مالڪ اهي خود جڏهن پنهنجي پنهنجي ڪاروبار ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جو مستقبل ٻاهرين ملڪن ۾ محفوظ ڪرڻ جي لاءِ صبح شام ڪوشش ڪندا هجن ته اهڙي حالتن ۾ نوجوانن جو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ڪنهن به طرح خراب ڪونهي. هن وقت جنهن عمر جي ٽهي ۾ اسانجو نوجوان آهي، انهيءَ ۾ اها سگهه آهي ته ڪٿي به وڃي پنهنجي بهتر مستقبل جي لاءِ جفاڪشي ڪري هڪ نئين خوشحال زندگي جو بنياد وجهي سگهي ٿو. اڄ سموري دنيا جا رستا انهن نوجوانن جي لاءِ کليل آهن، جن وٽ هنر آهي، جستجو ۽ جفاڪشي جي سوچ آهي، همٿ آهي ۽ جذبو آهي ۽ کيس پنهنجو پاڻ تي يقين آهي ته هو دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ ڪهڙو به ڪم ڪري پنهنجي تقدير تبديل ڪري سگهي ٿو. پاڪستان جي اندر هن وقت جيڪي حڪمران ويٺا آهن، انهن کان يا ملڪ جي انهن غير سياسي طاقتور مالڪن کان ڪڏهن به اسان جي نوجوان کي اها اميد نه ڪرڻ گهرجي ته ڪو اهي هن ملڪ جي خراب ٿيل صورتحال کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. هي ملڪ ڪرپشن، بي ايماني، جبر، ڏاڍ ۽ حرامخوري جي لاءِ بهترين آهي. جيڪڏهن ڪير اها اميد ڪري ٿو ته هي حڪمران ۽ ملڪ جا ڪرتا ڌرتا ڪو رات ڏينهن ملڪ جي بهتري ۽ ڀلي جي لاءِ ڪا ڪوشش ڪري رهيا آهن ته اهو هڪ ديواني جو خواب آهي. هي سڀ هن ملڪ کي ڄئورن جيئن چهٽيل آهن. اهي جيترو وقت انهيءَ مسند تي ويٺل رهندا، ملڪ جي نسن مان ڪرپشن جي وسيلي رت پيا چوسيندا. جڏهن ڪن حالتن ۾ ملڪ جي اندر اهڙي صورتحال بڻجي وڃي جو پنهنجو وجود، پنهنجو مستقبل ۽ پنهنجي وطن جو مستقبل تاريڪ نظر اچي ته اهڙين حالتن ۾ هجرت ڪرڻ واجب ٿي پوي ٿو، پر انهيءَ هجرت جو مقصد پنهنجي ذاتي خوشحالي ۽ بهتر زندگي نه هجڻ گهرجي، پر انهيءَ هجرت جو مقصد پنهنجي ذات سان گڏوگڏ پنهنجي وطن، پنهنجي مارن ۽ پنهنجي ڌرتي جي ايندڙ وقت ۾ بهتري هجڻ گهرجي.

سنڌ جي نوجوانن کي پنهنجو پاڻ تي، پنهنجين صلاحيتن تي يقين رکي دنيا جي ملڪن ۾ ڪاهي پوڻو پوندو. جن وٽ اعليٰ تعليم جون ڊگريون آهن، انهن کي اڃان وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنيا جي هر انهيءَ ملڪ ڏانهن رخ ڪرڻو پوندو، جتي هنن جو مستقبل بهتر ٿي پوي. جن وٽ اعليٰ تعليم جون ڊگريون ڪونهن، انهن کي پاڻ ۾ اهليت پيدا ڪري جديد دور جي ٽيڪنالاجي سکڻي پوندي. ڪمپيوٽر ۽ آءِ ٽي جي دنيا ۾ داخل ٿيڻو پوندو. انهيءَ هنر سان دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ داخل ٿي سگهندا. هي اڄ به جيڪو نوجوان لکين رپيا ڀري پٽيوالي جي سرڪاري نوڪري جي پٺيان ڊوڙندو وتي، انهيءَ کي اهي چند لک خرچ ڪري ڪو هنري سکيا جو مرڪز جوائن ڪري نرسنگ جو ڪورس ڪري، ٽيڪنيشن جو ڪورس ڪري، ڪمپيوٽر جو ڪورس ڪري، ٻيو نه ته موبائيل ۽ ڪمپيوٽر ريپيئر جو ڪم سکي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ قانوني طريقي سان داخل ٿي وڃي.